اسلام آباد ڌماڪو: فوتين جو انگ 33 ٿي ويو

اسلام آباد ڌماڪو: فوتين جو انگ 33 ٿي ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي علائقي ترلائي جي هڪ امام بارگاهه ۾ جمعي تي ٿيل آپگهاتي حملي کان پوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي جي صورتحال برقرار آهي، زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب انهي واقعي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو آهي جڏهن ته 48 زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.پمز اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي کان پوءِ پمز ۾ گڏيل طور تي 149 زخمين کي آندو ويو جڏهن ته 28 ڄڻن جا لاش به اسپتال منتقل ڪيا ويا. ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمين مان پنج ڄڻن کي شروعاتي طبي معائني ۽ ضروري علاج کان پوءِ انهن جي وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻين زخمين جو علاج اڃان تائين جاري آهي.ٻئي طرف پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ به ڌماڪي جي متاثرين کي آندو ويو. پولي ڪلينڪ جي ترجمان موجب ترلائي ڌماڪي کان پوءِ 19 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جن مان 9 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته هن وقت 14 زخمي پولي ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ آهن صرف هڪ مريض کي صحت بهتر ٿيڻ تي ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو