اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي وڪيلن طرفان ڪيل حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله هاء ڪورٽ حملي کان پوءِ وڪيلن جي گرفتارين ۽ کين حراسان ڪرڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد پوليس هاءِ ڪورٽ واقعي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ تي حملي واري واقعي کي ڪنهن به صورت ۾ وساري سگهجي ٿو. اوهان سڀني کي خبر آهي اهي ڪير هئا، جنهن حملوڪيو جيڪي هتي آيا هئا اهي سڀ وڪيل هئا. ٻاهران ڪوبه ماڻهو نه هو. اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي مان سڃاڻان ٿو. جيڪي مارچ وٺي آيا وڪيلن کي مڇرايو ۽ جنهن حملو ڪيو سڀ ان ۾ شامل آهن.مون خط لکي ڇڏيو آهي هاڻ ريگوليٽر طرفان ڏسي رهيا آهيون اهي ڇا ٿا ڪن. اسان مٿان وڪيل بحالي واري تحريڪ جي 90 شهيدن جو قرض آهي. پوليس جي سينئر آفيسر جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ۽ هاءِ ڪورٽ جا صدر ملوث وڪيلن جي نشاندهي ڪن. جسٽس اطهر من الله چيو ته احتجاج جي ضرورت ئي نه هئي. جڏهن کان چيف جسٽس بڻجيو آهيان تڏهن کان ڪچهري جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان. موجوده حڪومت ضلعي عدليه جي منتقلي لاءِ سٺي طريقي سان ڪم ڪيو آهي. هن حڪومت پي ايس ڊي پي کان ڪچهري منتقلي فنڊز جي منظوري ڏني.وزيراعظم چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي منتقلي ۾ ڪابه رنڊڪ نه اچڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ ڪنسلٽنٽ به هائير ڪيو ويو آهي. موجوده حڪومت خاص طور تي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينه تعريف جوڳي آهي. هاءِ ڪورٽ چيف ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته اهو بار کي لکت ۾ آگاهه ڪري. ڊسٽرڪٽ ڪورٽس منتقلي جو ڪم ڪٿي پهتو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ وڪيلن جي چيمبرز کي ڪيرائڻ جي خلاف مڇريل وڪيلن احتجاج ڪندي هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪيو هو ان دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پنهنجي چيمبر ۾ محدود ٿي ويو هو.










