تل ايب (ويب ڊيسڪ)غزه جا ڪيترائي علائقا ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر زميني آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسرائيل غزه جي سرحد جي ويجهو 300,000 سپاهين کي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي بچاءَ واري وزير اعلان ڪيو آهي ته حماس تبديلي چاهي ٿي، تبديلي ضرور ايندي.اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته غزه تي هوائي حملي کانپوءِ هو زميني ڪارروائي به ڪندا.ان کان علاوه اسرائيل پاران غزه تي پنجين ڏينهن به حملو جاري آهي.غزه تي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 فلسطيني مارجي ويا، حماس جي مطابق، اسرائيل جي رهائشي عمارتن، مسجدن، دڪانن ۽ ڪارخانن کي نشانو بڻايو ويو.اسرائيلي فوج موجب جهازن گذريل رات غزه ۾ 200 هنڌن کي نشانو بڻايو جڏهن ته اتر ۾ حماس جي 80 هنڌن کي اڄ صبح نشانو بڻايو ويو.اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج مارجي ويل 14 فوجين جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حماس جي حملي ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ 170 تائين پهچي ويو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب حماس جي حملي ۾ هينئر تائين 1200 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا آهن.اسرائيل پاران غزه ۾ زخمين، اسپتالن ۽ ايمبولينس کي نشانو بڻائڻ جا اطلاع مليا آهن.ٻئي طرف آمريڪي هٿيارن سان ڀريل جهاز به فلسطينين تي بمباري ڪرڻ لاءِ اسرائيل پهچي ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اهي هٿيار ڏکڻ اسرائيل جي هڪ هوائي اڏي تي پهچايا ويا هئا پر انهن جي قسم بابت تفصيل سامهون نه آيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب هي هٿيار اهم فوجي ڪارروائين ۾ سهولت فراهم ڪندو.
