اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار جو حل ٻه رياستي فارمولا آهي، جنهن جو مطالبو پاڻ فلسطيني به ڪندا رهيا آهيون ان کان پوءِ ئي وچ اوڀر ۾ استحڪام نظر اچي ٿو.نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻن رياستي حل جو مطلب اسرائيل کي ڌار رياست مڃڻ نه آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو هو ته پاڪستان کي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ معصوم حياتين جي نقصان تي به گهري ڳڻتي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لکيو ته موجوده صورتحال ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي طور تي بيٺل آهيون ۽ اسرائيلي قابض فوج جي تشدد ۽ جبر کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.جليل عباس جيلاني وڌيڪ لکيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنيادن تي قابل عمل ۽ خودمختار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي.پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته عالمي برادري کي تڪرارن جي خاتمي ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. عالمي برادري وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي مداخلت ڪري.
