ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ “وڏين فوجي ڪارروائين” جي تصديق ڪندي حڪومت جي تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي۔ رپورٽن موجب ايران جي سپريم ليڊر جي آفيس، تهران ۾ صدارتي آفيس ۽ ملڪ ڀر جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو۔
ايراني سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته هڪ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 53 ٻارڙيون مارجي ويون آهن. جوابي ڪارروائي طور ايران اسرائيل تي حملا شروع ڪيا آهن، ان سان گڏوگڏ ايران، بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏي، گڏيل عرب امارات، ڪويت، قطر ۽ سعودي عرب تي به حملا ڪيا آهن. جڏهن ته ايراني حملن سان لاڳاپيل نقصان جون خبرون خليج علائقي مان پڻ مليون آهن، جن ۾ قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت شامل آهن۔
گڏيل عرب امارات، بحرين ۽ قطر ۾ ڌماڪن کان پوءِ اختيارين دبئي جي هوائي اڏن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ سڀ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن، ۽ عملدار صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن۔
ٽرمپ ايراني عوام کي چيو آهي ته هو ٻاهر نڪرن ۽ ايران جي حڪومت تي “قبضو ڪن”، ۽ سندن لاءِ ايراني رجيم تبديل ڪرڻ جو موقع آهي جيڪو صدين ۾ ملندو آهي.
ايراني ميديا چيو آهي ته سندن رهبر، صدر ۽ قيادت محفوظ آهي. حڪومت جي اپيل تي تهران شهر مان وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي آهي.
سعودي عرب، يو اَي اِي، بحرين ٻين عرب ملڪن ايراني حملن جي مذمت ڪندي ٻڌايو آهي سندن دفاعي نطامن ايراني ڊرونز ۽ ميزائيلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو آهي. ابو ظهبي ۾ ملبي سبب هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويو آهي.
ايران ۾ ڪٿي ڪٿي حملا ٿيا آهن؟
ڪيترائي ميزائل تهران ۾ يونيورسٽي اسٽريٽ ۽ جمهوري علائقي ۾ ڪريا آهن، فارس نيوز ايجنسي رپورٽ ڪيو آهي ته ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي هيڊڪوارٽر جي ويجهو به ميزائيل حملا ٿيا آهن.
ايسوسيئيٽڊ پريس نيوز ايجنسي موجب ايران جي گادي واري شهر ۾ ٿيل هڪ حملو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي آفيسن جي ڀرسان ٿيو۔
ايران جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي ٻڌايو ته تهران جي اترئين سيد خندان علائقي ۾ به ڌماڪا ٿيا۔
مقامي ميڊيا موجب ڪرمانشاهه، قم، تبريز، اصفهان، ايلام ۽ ڪرج شهرن سميت لورستان صوبي ۾ به ڌماڪن جون خبرون مليون آهن۔
ايران تي آپريشن جي منصوبابندي مهينا اڳ ڪئي وئي هئي، اسرائيلي دفاعي عهديدار
هڪ اسرائيلي دفاعي عهديدار جو چوڻ آهي ته ايران ۾ اسرائيل جو آپريشن آمريڪا جي تعاون سان جاري آهي، ايران تي آپريشن جي منصوبابندي مهينا اڳ ڪئي وئي هئي، ايران تي حملي جي تاريخ هفتا اڳ طئي ڪئي وئي هئي.ميڊيا رپورٽن موجب، ايران جو روحاني اڳواڻ آيت الله خامنه اي تهران ۾ موجود ناهي، آيت الله خامنه اي کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حملي کان پوءِ ايران پنهنجي هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ عراق پڻ هوائي ٽرئفڪ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ايران پاران قطر، ڪويت، بحرين ۽ يو اي اي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي تصديق
ايران تصديق ڪئي آهي ته ان قطر ۾ العديد ايئر بيس ۽ ڪويت ۾ السليم ايئر بيس کي نشانو بڻايو آهي.عرب ميڊيا موجب، ايران تصديق ڪئي آهي ته ان يو اي اي ۾ الدفرا ايئر بيس ۽ بحرين ۾ بحري ايئر بيس کي نشانو بڻايو آهي.يو اي اي جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب، ايراني ميزائل حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته يو اي اي ڪيترن ئي ايراني ميزائلن کي روڪيو.يو اي اي جو چوڻ آهي ته حملو قومي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانون جي کليل خلاف ورزي آهي، ۽ يو اي اي هن جارحيت جو جواب ڏيڻ جو پورو حق محفوظ رکي ٿو.

Iran Attacks USA & Israel
سعودي عرب جي شهر رياض ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا
ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ سڄي خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي.ايران مختلف عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. ايران بحرين، قطر، ڪويت ۽ گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته سعودي عرب جي شهر رياض ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا. دبئي جي مرينا علائقي ۾ به ڌماڪو ٻڌو ويو.
خطي ۾ سڀني آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويندو: ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي عراقي هم منصب سان ڳالهائيندي چيو ته ايران پنهنجو دفاع جاري رکندو، ۽ ايران جواب ۾ خطي ۾ سڀني آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندو.ٻئي طرف، ايراني قومي سلامتي ڪميشن جي سربراهه اسرائيل کي پيغام موڪليو ته ايران توهان کي خبردار ڪيو آهي، اڳتي ڇا ٿيندو اهو توهان جي هٿن ۾ ناهي.آمريڪا ۽ اسرائيل پاران اسرائيل تي حملن جي جواب ۾، ايران سخت جواب ڏنو ۽ اسرائيل تي حملو ڪيو.عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران قطر، بحرين، گڏيل عرب امارات، ڪويت ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو.
يمن جي حوثي باغين اسرائيل ۽ سامونڊي رستي تي جهازن تي حملو
يمن جي حوثي باغين اسرائيل ۽ سامونڊي رستي تي جهازن تي حملو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات جي راڄڌاني ابو ظهبي ۽ ڪويت ۾ به زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب، ڪويت جي فوج ايراني ميزائلن کي هوا ۾ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪويت جي مختلف علائقن ۾ جنگي سائرن وڄايا پيا وڃن.
قطر ۾ آمريڪي بيس تي زوردار ڌماڪا
قطر ۾ العديد آمريڪي بيس تي زوردار ڌماڪا ٿيا ۽ آمريڪي بيس جي ويجهو ايمرجنسي سائرن وڄڻ لڳا.نيوز ايجنسي چيو ته قطري اختيارين شهرين کي فوجي هنڌن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. قطري حڪومت شهرين کي محفوظ هنڌن تي پناهه وٺڻ لاءِ موبائل فون الرٽ جاري ڪيا آهن.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي هڪ آفيسر جي حوالي سان ٻڌايو ته قطري ميزائل دفاعي نظام ايراني ميزائل حملي کي ناڪام بڻايو.
ايران جو بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل حملو
پرڏيهي خبرن جي اداري موجب، بحرين جي راڄڌاني مناما ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا ۽ ڌماڪن کان پوءِ بحرين ۾ سائرن وڄايا ويا.بحرين جي گهرو وزارت چيو ته شهري فوري طور تي ويجهي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ٿين.ايراني ميڊيا موجب، بحرين ۾ هڪ آمريڪي اڏي کي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو. خبرن جي اداري جو چوڻ آهي ته بحرين ۾ آمريڪي بحري اڏي جي جفير علائقي مان دونھون نڪرندي نظر اچي رهيو آهي. بحرين ۾ آمريڪي بحري اڏو آهي ۽ هن ملڪ ۾ حملن جي تصديق ڪئي آهي.عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته بحرين تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي بحري هيڊ ڪوارٽر کي ميزائل حملي سان نشانو بڻايو ويو.
آمريڪا ايران خلاف آپريشن جو نالو EPIC FURY رکي ڇڏيو
آمريڪي جنگي کاتي سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو ته ايران خلاف آپريشن کي ايپڪ فيوري جو نالو ڏنو ويو آهي.
اسرائيل خلاف ميزائل ڊرون حملن جي پهرين لهر شروع، پاسداران انقلاب
ايراني انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته انهن اسرائيل خلاف ميزائل ڊرون حملن جي پهرين لهر شروع ڪئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي نيوز ايجنسين جو چوڻ آهي ته عراقي هوائي حدن ۾ جنگي جهاز ۽ ميزائل ڏٺا ويا آهن.ايراني ٽي وي جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي لڳ ڀڳ 75 ميزائلن سان حملو ڪيو ويو.
ايران جو اسرائيل تي ميزائل حملو
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي کان پوءِ، ايران هاڻي اسرائيل تي به حملو ڪيو آهي.اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته ايران طرفان ميزائل حملو ڪيو ويو آهي، ۽ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ دفاعي نظام هلائي رهي آهي.اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني ميزائل اتر اسرائيل ڏانهن فائر ڪيا ويا.اسرائيلي اختيارين ايراني حملي کان پوءِ شهرين کي پناهه گاهه ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه ٿا ٿي سگهن، اسان ايران جي ميزائل سسٽم ۽ ميزائل انڊسٽري کي تباهه ڪنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ
صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم سوشل ٽروٿ تي جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته اسان جو مقصد ايراني حڪومت کان خطرن کي ختم ڪندي آمريڪي عوام جو دفاع ڪرڻ آهي.آمريڪي صدر چيو ته ڪجهه وقت اڳ آمريڪي فوج ايران خلاف هڪ وڏو فوجي آپريشن شروع ڪيو آهي، ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه ٿي سگهن، اسان ايران جي ميزائل سسٽم ۽ ميزائل انڊسٽري کي تباهه ڪنداسين، اسان ايران جي بحريه کي تباهه ڪرڻ وارا آهيون.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو يقيني بڻائيندو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري، آمريڪا خطي ۾ آمريڪي اهلڪارن لاءِ خطري کي گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو آهي.










