اسد قيصر جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، بجيٽ رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وفاقي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو.اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات اخونزاده حسين يوسفزئي پڻ شرڪت ڪئي.ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي اڳواڻن ملڪ خاص ڪري ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، صوبي ۾ امن لاءِ سياسي پارٽين کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، فوجي آپريشن ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.ٻنهي پارٽين قومي اسيمبلي ۾ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪندي بجيٽ کي آءِ ايم ايف جي بجيٽ ۽ عوام دشمن قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.اسد قيصر ۽ مولانا فضل الرحمان افغانستان سان ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ افغانستان سان ڪراسنگ پوائنٽس تي اقتصادي راهداري قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ سياسي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.ڪميٽي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ خدشن جو ازالو ڪندي ۽ سياسي حڪمت عملي لاءِ نقطن تي فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو