ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) پاڪستان پيپلز پارٽي قائد عوام جي ورسي 4 اپريل تي راولپنڊي ۾ ملهائڻ ۽ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بلاول هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ پارٽي جي اهم اڳواڻن جي مشاورت بعد اهڙو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ويڊيو لنڪ تي سيد نيئر بخاري، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، فيصل ڪريم ڪنڊي، قمرالزمان ڪائره، نثار کهڙو، چپڌري منظور، همايون خان، زمرد خان ۽ بيا شريڪ ٿيا. جاري ڪيل بيان ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته سي اي سي جي اجلاس ۾ استعيفائن بابت غور ٿيندو يا نه پر چيو ويو آهي ته روايتي طور تي ورسي کانپوِءِ اجلاس ٿيندو آهي.










