ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ۽ رينجرز ڪڙڪي پئي، سي ايم هائوس ڏانهن ويندڙ استادن جي پرامن مارچ جي رستا روڪ تي چڪريون ٿيون، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو پوليس ۽ رينجرز جو لٺبازيءَ سان گڏ احتجاج ڪندڙن تي واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو،50کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيترائي استاد زخمي پڻ ٿي پيا
