اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 12 مئي هڪ المناڪ ڏينهن آهي، جيڪو اسان جو ڌيان ڇڪتاڻ ۽ تشدد جي سياست جي خراب نتيجن ڏانهن ڇڪائي ٿو. پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين 12 مئي 2007ع جي پرتشدد واقعن ۾ شهيد يا متاثر ٿيندڙ سمورن جيالن ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته انهن سياسي ڪارڪنن جي جمهوريت لاءِ عزم ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ محنت کي هميشه ياد رکيو ويندو، اسان کي 12 مئي جهڙن ماضي جي سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري سمورين سياسي ڌرين تي زور ڀريو ته هو اتحاد ۽ مفاهمت جي جذبي سان متحد ٿين. هن نفرت، ورهاڱي ۽ تشدد جي سياست کي دفن ڪري روشن ۽ خوشحال پاڪستان ڏانهن ويندڙ رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو