اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شهيدن جي ڏهاڙي تي صدر عارف علوي چيو آهي ته اڄ پاڪستان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.وڊيو پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو ته جوانن ۽ آفيسرن پنهنجي قربانين جي ڪري پاڪستان جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو.هن وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جو دفاع ڪري دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي.صدر عارف علوي چيو ته اڄ عهد وٺو، پنهنجي بهادر شهيدن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، سندن هميشه عزت ڪنداسين.










