اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام مسلسل فلسطينين جي موقف کي درست سمجهي ٿي، اڄ به پنهنجي ان موقف کي ورجائي ٿي ته اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهيون، اسرائيل تي فلسطيني مجاهدن جو حملو هڪ تاريخي ڪاميابي آهي ۽ انهن جي فتح حاصل ڪرڻ جي تاريخي جنگ آهي. اسرائيل کان زمينون قبضي کان آزاد ڪرايون، دنيا سمجهي رهي هئي ته فلسطين جو مسئلو مئل ٿي ويو آهي.هن حملي اسرائيل جي دفاعي نظام ۽ انهن جي غرور کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهو سمجهڻ گهرجي ته اسرائيل هڪ عظيم طاقت ناهي پر ان کي مبالغو ڪيو ويو آهي.اسان فلسطيني ڀائرن کي اپيل ٿا ڪريون ته انساني حقن جو احترام ڪن، ٻارن، عورتن ۽ عام شهرين کي تڪليف نه ڏين ۽ ثابت ڪن ته اسلام ۽ مسلمان ڪيئن انساني حقن جي حفاظت ڪن ٿا.گڏيل قومن کي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ گهرجي ۽ 1967ع جي قراردادن تي عمل ڪندي بيت المقدس کي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ گهرجي، ان کان علاوه او آءِ سي جو فوري ۽ ڀرپور اجلاس گهرائڻ گهرجي، جتي وچ اوڀر ۾ امن جي قيام کي يقيني بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ ۽ سندن ملڪ انهن جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.ان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي جي يو آءِ پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ايندڙ جمعي تي سڄي ملڪ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
