اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مذهبي معاملن واري نگران وزير انيق احمد چيو آهي ته معاشري مان مايوسي ختم ڪرڻ گهرجي ڇو ته مايوسي ڪفر آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو ته وزيراعظم انوار الحق ڪجهه هدايتون جاري ڪيون آهن جن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.انيق احمد چيو ته جيئن الف بي ۾ س ۽ س اکر هڪ ٻئي سان گڏ آهن، تيئن شيعه ۽ سني به گڏ آهن.نگران وفاقي وزير چيو ته سموريون ڏاڍايون ۽ منافقتون ختم ٿيڻ گهرجن، ايندڙ اليڪشن سازگار ماحول ۾ ٿيڻ گهرجي، قوم کي نااميدي مان ڪڍڻو آهي، نااميدي ڪفر آهي.اسان جنت جا ٺيڪيدار نه آهيون، اهو الله جو معاملو آهي.مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته روڊ ٽو مڪي منصوبي تي ڪم جاري آهي، اسان چاهيون ٿا ته حاجين کي بهترين سهولت فراهم ڪئي وڃي.
