ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره باربي ڊول ڪترينا ڪيف جي مڙس وڪي ڪوشل ٻار جي ڄمڻ لاءِ گهر وارن جي دٻاءُ بابت ڳالهايو آهي.ياد رهي ته اداڪار وڪي ڪوشل 2021 ۾ اداڪاره ڪترينا ڪيف سان شادي ڪئي هئي.اداڪار وڪي ڪوشل هن وقت پنهنجي ايندڙ خانداني تفريحي فلم ”دي گريٽ انڊين فيملي“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي.هڪ انٽرويو دوران اداڪار کان پڇيو ويو ته ڇا سندس خاندان جي ڪنهن ميمبر مٿس ”خوشخبري“ لاءِ دٻاءُ وڌو هو؟ هڪ انٽرويو دوران وڪي ڪوشل انڪشاف ڪيو آهي ته مٿس ۽ ڪترينا ڪيف ٻنهي تي والدين بڻجڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نه آهي، ٻنهي فنڪارن جا خاندان تمام گهڻو سمجهه وارا آهن ۽ هو ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار آهن، ان لاءِ ڪو به دٻاءُ نه آهي.وڪي ڪوشل جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو ۽ ڪترينا ڪيف ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه آهن ته جلد ٻار پيدا ڪري.انٽرويو دوران وڪي اهو به انڪشاف ڪيو ته سندس والدين کي پهرين خبر هئي ته هو ڪترينا ڪيف کي ڊيٽنگ ڪري رهيو آهي.وڪي ڪوشل جو چوڻ هو ته ائين ناهي ته سندس والدين کي ميڊيا مان ان ڳالهه جي خبر پئي، اهڙا ڏينهن اڃا نه آيا آهن، هن پاڻ ئي پنهنجي والدين کي پنهنجي ۽ ڪترينا بابت سچ ٻڌايو.
