اروشي روٽيلا جو پاران آئي فون ڳوليندڙ لاءِ انعام جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار اروشي روٽيلا پنهنجي گم ٿيل 24 ڪيريٽ سون جي آئي فون ڳولڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 15 آڪٽوبر تي پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ اروشي جو فون گم ٿي ويو هو.اداڪارا سوشل ميڊيا تي شهرين کي مدد جي اپيل ڪندي انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.اروشي پوليس سان درج ڪيل شڪايت جي ڪاپي پڻ شيئر ڪئي آهي.هن انسٽاگرام تي پنهنجي فون جي جڳهه شيئر ڪئي جيڪا احمد آباد جي هڪ مال مان اچي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو