ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جو تحفظ ڪندي.هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئين ٺاهڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي، پاڪستان جي آئين موجب پارليامينٽ سپريم ادارو آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر زرداري صدارتي اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا.هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جدوجهد پيپلز پارٽي جي تاريخ رهي آهي.شرجيل ميمڻ اهو به چيو ته ملڪ جي هر اداري جي ذميواري آهي ته پارليامينٽ پاران منظور ڪيل آئين جي پاسداري ڪري.










