ادا ڪارا پاران جنازو مسجد کان اڳ ٿيٽر مان کڻڻ جي وصيت

قاهره (ويب ديسڪ) مصر جي مشهور اداڪارا سلوا محمد علي وصيت ڪئي آهي ته منهنجي مرڻ بعد جنازو مسجد کان اڳ ٿيٽر مان کنيو وڃي. العريبيه اردو جي رپورٽ موجب سندس ان وصيت بعد مصر جي سوشل ميڊيا تي طوفان برپا ٿي ويو آهي ۽ مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ڪجهه سندس مداح سندس وصيت کي درست به قرار ڏئي رهيا آهن. هڪ انتروي ۾ سلوا چيو ته هن جي ڪيريئر جي شروعات کان ڪاميابي تائين سندس زندگي ۾ نيشنل ٿيٽر جو وڏو ڪردار آهي ۽ ان ڪري مان ان سان پيار ڪريان ٿي. هن چيو ته منهنجي ميت ٿيٽر مان کنئي وڃي پوءِ ڀلي جنازي نماز لاءِ مسجد نيو وڃي. ياد رهي ته هن کان اڳ مصري هدايتڪار يوسف شاهين، اداڪار شفيق نورالدين ۽ توفيق الدقان جو جنازو مسجد کان اڳ ٿيٽر مان ڪڍيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو