لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور ۽ خوبصورت ماڊل ۽ اداڪار بلال اشرف جي والده گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري وئي.اداڪار ۽ هدايتڪار احتشام الدين فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڪهاڻي شيئر ڪندي صارفين کي ان خبر کان آگاهه ڪيو.هن افسوسناڪ خبر انسٽاگرام اسٽوري ذريعي شيئر ڪندي لکيو ته ”بلال اشرف جي والده لاڏاڻو ڪري وئي آهي، انا لله و انا اليه راجعون، اوهان کيس پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو، الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان سان گڏ جنازي نماز جو تفصيل به ٻڌايو.
