اداڪارا شهناز گل سينڊوچ کائڻ بعد اسپتال داخل

اداڪارا شهناز گل سينڊوچ کائڻ بعد اسپتال داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 جي مشهور مقابلي باز شهناز گل کي پنهنجي نئين فلم جي رليز ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ئي اسپتال داخل ڪيو ويو.شهناز گل جي نئين فلم ”ٿئنڪ يو فار ڪمنگ“ 6 آڪٽوبر تي رليز ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪاره ڀومي پڊنيڪر، انيل ڪپور، سوشل ميڊيا تي اثر رکندڙ ڪشا ڪپلا ۽ شباني بيدي مختلف ڪردارن ۾ نظر ايندا.سوشل ميڊيا تي شهناز جي انسٽاگرام تي لائيو وڊيو ڪافي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ اداڪارا چيو آهي ته کيس فوڊ پوائزننگ ٿي آهي پر هاڻي هوءَ اڳ کان بهتر آهي.اداڪارا انسٽاگرام لائيو ۾ چيو ته هر ڪنهن جو وقت ايندو ۽ هليو ويندو آهي، اهو ئي مون سان ٿيو، منهنجو وقت ٻيهر ايندو، مون سينڊوچ کاڌو هو جنهن سبب مون کي فوڊ انفيڪشن ٿي ويو.شهناز مداحن کي خبردار ڪيو ته هو ٻاهر جي کاڌي کان پاسو ڪن ۽ احتياط سان شيون کائين ڇو ته موسم جي ڪري فوڊ پوائزننگ ٿي رهي آهي.سوشل ميڊيا تي ڪجهه ٻيون وڊيوز به وائرل ٿيون آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار انيل ڪپور ۽ سندس ڌيءَ پروڊيوسر ريحا ڪپور به شهناز سان اسپتال ۾ ملاقات لاءِ پهتا.شهناز گل جا مداح اداڪاره جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو