ڪراچي(ويب ڊيسڪ)”نيلي زنده هي، صنف آهن، اور رنگريزا اور تو عشق هي“ جهڙن ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سونيا مشعل شادي ڪري ڇڏي. اداڪارا 11 ۽ 12 فيبروري جي وچ واري رات انسٽاگرام اسٽوريز ذريعي پنهنجي شادي جي تصديق ڪئي. سونيا مشعل انسٽاگرام اسٽوريز تي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ۽ شوبز جي شخصيتن طرفان مبارڪباد جا پيغام به شيئر ڪيا. سونيا مشعل شادي جي موقعي تي سفيد رنگ جو لباس پهريو هو، جڏهن ته سندس مڙس کي به هن سان ملندڙ جلندڙ لباس پهريل هو. اداڪارا جي شادي جي تقريب ۾ سندس ويجهن دوستن، شوبز جي شخصيتن ۽ ويجهن مائٽن پڻ شرڪت ڪئي. اداڪارا پنهنجي جيون ساٿي جو تعارف ته ناهي ڪرايو، پر اهڙيون خبرون آهن ته سندس مڙس شوبز انڊسٽريءَ مان نه آهي. سونيا مشعل 2014ع کان پوءِ اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ هن وقت تائين ٻه درجن جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.










