اداڪارا دردانا بٽ 83 سالن جي ڄمار وفات ڪري وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ۽ سينئر  اداڪارا دردانه بٽ 83 سالن جي ڄمار ۾  لاڏاڻو ڪري وئي ، ان سلسلي ۾ آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه چيو آھي تھ دردانه بٽ ٻن هفتن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، دردانه بٽ ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ ڪورونا جو به شڪار هئي. اڄ ھوءَ لاڏاڻو ڪري وئي آھي، شوبز شخصيتن پاران دردانھ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي. اداڪارا دردانا پاڪستان جي مشھور فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪيو، 9 مئي 1938 ۾ لاھور ۾ پيدا ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو