اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ وڪيل لطيف کوسا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري لطيف کوسا کان ستن ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر سي اي سي لطيف کوسا پارٽي کان اجازت وٺڻ کانسواءِ ٻي پارٽي جي اڳواڻ جو دفاع ڪيو. توهان وڪيلن جي تقريب ۾ سائفر ڪيس تي رياستي پاليسي تي تنقيد ڪئي، ٻڌايو ته توهان جي خلاف انضباطي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي. نوٽيس ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته شوڪاز نوٽيس جو 7 ڏينهن اندر جواب ڏيو، نه ته توهان جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي ويندي.
