اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پلوشه خان ۽ اليڪشن ڪميشن کي پهرين مارچ تائين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ پ پ اُميدوار پلوشه خان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف سنڌ انڊس لائرز فورم طرفان درخواست داخل ڪرائي و ئي آهي، درخواست ۾ پلوشه خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري کيس نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سيف الله ابڙو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندي سندس نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيا آهن.










