راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل آن لائين لون ڪمپنين خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون.ايف آءِ اي موجب سيدپور روڊ تي آن لائين لون ايپس جي آفيسن تي چاپا هڻي رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو ۽ ٽن آفيسن کي سيل ڪيو ويو.ايف اءِ اي موجب بليڪ ميلنگ ۾ ملوث آن لائين لون ايپس جي 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي موجب گرفتار ڪيل جوابدار شهرين کي بليڪ ميل ڪرڻ جا انڪشاف ڪندي چيو ته کين روز جي بنياد تي شهرين کي ڪال ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويندو هو، آن لائين ڪمپني ۾ مختلف سيڪشن ٺهيل هئا، متاثر شهرين جي دوستن ۽ سندن مائٽن کي ڪالز ڪندا هئاسين جڏهن ته انهن جي آفيسن ۾ ٽارچر ڪالز بابت ڌار سيڪشن ٺهيل هئا. ايف آءِ اي موجب جوابدارن ٻڌايو ته هر سيڪشن کي ڪالز ڪرڻ جا ڌار ڌار ڪم سونپيا ويندا هئا، ڊي زيرو، ڊي 1، ڊي 2، ڊي ايس 1، ڊي ايس 2 ۽ ڊي ايس 3 جي نالن سان سيڪشن هئا، لون ايپس ذريعي ذاتي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪئي ويندي هئي، ذاتي ڊيٽا حاصل ڪري متاثر شهرين کي هراسان ڪيو ويندو هو. ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته ڇاپي دوران وڏي انگ ۾ دستاويز، ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس ۽ سمز هٿ ڪيون ويون آهن.
