آمريڪي قبضي ۾ آيل جهازن جي عملي جي واپسي لاءِ ڊار جا رابطا

آمريڪي قبضي ۾ آيل جهازن جي عملي جي واپسي لاءِ ڊار جا رابطا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنگاپور جي ويجهو آمريڪي اختيارين جي حراست ۾ جهازن تي پاڪستاني ۽ ايراني ملاحن جي محفوظ واپسي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سفارتي رابطي ۾ آهن.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ويوين بالاڪرشنن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ سنگاپور مان پاڪستاني ۽ ايراني ملاحن جي محفوظ واپسي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.هن آمريڪي اختيارين جي حراست مان 11 پاڪستاني ۽ 20 ايراني ملاحن جي وطن واپسي ۾ تعاون جي درخواست ڪئي آهي.اسحاق ڊار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به هن معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ٻئي ملڪ هن صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ آهن.هن چيو ته پاڪستان ايراني شهرين جي پاڪستان ذريعي ايران واپسي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.نائب وزيراعظم سنگاپور جي تعاون ۽ مدد جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان جو پرڏيهي دفتر ۽ لاڳاپيل ادارا پاڪستاني شهرين جي حفاظت، ڀلائي ۽ جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪي اختيارين سميت ٻين ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو