واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سلامتي ڪائونسل ۾ ايراني نمائندي سعيد ايرواني چيو آهي ته ايران تي آمريڪي حملي جو سخت جواب ڏنو ويندو.سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪي حملي جي جواب جو وقت ۽ نوعيت ايراني فوجون طئي ڪنديون.هن چيو ته ايران خلاف آمريڪا جا سڀ الزام بي بنياد آهن. آمريڪي الزام سياسي طور تي متاثر آهن ۽ انهن جو ڪو به قانوني بنياد ناهي.ايراني نمائندي سعيد ايرواني جو چوڻ آهي ته عدم پکيڙ معاهدي کي هڪ سياسي هٿيار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن کي جارحيت ۽ غير قانوني ڪارروائي طور استعمال ڪيو ويو آهي.










