لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي دشمني ۽ دوستي ٻئي غلط آهن. لاهور جي منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ماڻهو آمريڪا جي اثر هيٺان نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن، ۽ آمريڪي غلامي جي چادر لاهڻ جي ضرورت آهي.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان ان سان گڏ آهيون جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ ڪم ڪري ٿو. پاڪستان کي هن وقت ايماندار قيادت جي ضرورت آهي.










