آمريڪا جو ڀارت سان سفارتي لاڳاپا محدود ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سفير ايريڪ گارسٽي ڀارت سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايريڪ گارسٽي جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي ڀارت سان اڻڄاتل مدي تائين رابطا ختم ڪرڻا پوندا، هرديپ سنگهه تڪرار سبب آمريڪا ۽ ڀارت جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا.ٻئي طرف آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو الزام انتهائي سنجيده آهي، ڀارت کي هرديپ سنگهه جي قتل جي جاچ ۾ ڪئناڊا سان سهڪار ڪرڻو پوندو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خالصتان لاءِ سکن جي تحريڪ ۽ احتجاج کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر شهري کي اظهار جي آزادي حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو