آسٽريليا ٽيسٽ سيريز ۾ نيوزلينڊ کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

سڊني (ويب ڊيسڪ) سڊني ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي آسٽريليا نيوزيلينڊ کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ جي سڄي ٽيم 136 رنسون تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي طرح ان کي 279 رنسن تان شڪست نصيب ٿي. ناٿن اليون ٻنهي اننگز ۾ 5،5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو پر پهرين اننگ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ مارنس لڀوشن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته پرٿ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا نيوزيلينڊ کي 296 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ڪيوي کي 247 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو