آزاد اميدوار جو قتل،باجوڙ ۾ سمورين پارٽين چونڊ مهم روڪي ڇڏي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) باجوڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 ۽ صوبائي اسيمبلي جي پي ڪي 22 ۾ چونڊ سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن.آزاد اميدوار ريحان زيب خان جي قتل تي سمورين سياسي پارٽين جي اميدوارن پنهنجي چونڊ مهم روڪي ڇڏي آهي.ٻئي پاسي ريحان زيب خان جي چاچي حضرت گل صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته ڀائٽي جي قاتلن جي باري ۾ جن ماڻهن جو نالو ورتو ويو انهن تي اسان جي ڪابه دعويٰ نه آهي.مقتول ريحان زيب جي جنازي نماز اڄ برشاهه نري ۾ ادا ڪئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو