راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ آمريڪي بچاءَ واري وزير وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي.پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري پيٽ رائڊر موجب آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ جي آسٽن پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پيٽ رائڊر چيو ته جنرل عاصم منير ۽ آمريڪي بچاءَ واري سيڪريٽري وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










