’اسمگلنگ ۾ ملوث فوجين جو ڪورٽ مارشل ٿيندو‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي واضح هدايت آهي ته جيڪو به اسمگلنگ ۾ ملوث هوندو ان جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو ۽ جيل به ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته فوج 9 مئي جي واقعن خلاف ڪارروائي ڪري پنهنجي احتسابي نظام کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. اسمگلنگ اُٺن تي نه پر ٽرڪن تي ٿيندي آهي، سيڪيورٽي ادارن جي نڪ هيٺان ٿيندي آهي، سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جا نالا به اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، جيڪڏهن جاچ ۾ ڪجهه سامهون آيو ته سامهون آڻينداسين.سرفراز بگٽي چيو ته اسان هڪ مهيني ۾ اسمگلنگ خلاف ڪوششون تيز ڪيون آهن، قانوني ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، رياست غير قانوني ڪم ڪندڙ ۽ ريفرل هينڊيءَ خلاف سخت ڪارروائي ڪندي، پيٽرول ۾ ملاوٽ ۽ پيٽرول پمپن جو مقدار گهٽائڻ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.نگران گهرو وزير چيو ته خوراڪ بابت سمورن صوبن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي ته معلوم ڪيو وڃي ته ڪيتري خوراڪ جي ضرورت آهي. ھٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙن لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي، اسان هن وقت تائين 2200 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪي ڇڏي آهي. ڊالرن جي غيرقانوني ترسيل تي 168 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن. ڊالر جي حقيقي قيمت تي پهچي ويا آهن.هن چيو ته هو سڄي ملڪ ۾ منشيات خلاف مهم هلائي رهيا آهن، اينٽي نارڪوٽڪس عدالتن مان 80 سيڪڙو ڪيسن ۾ سزا ٿي چڪي آهي,اسان وٽ وقت محدود آهي ان ڪري روزمره جي شين تي ڌيان ڏنو وڃي، مستونگ ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، ان حوالي سان حقيقتون سامهون آڻينداسين. ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ملڪ ۾ هڪ به دهشتگرد نه هجي.هڪ سوال تي سرفراز بگٽي چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي تي قانون موجب علاج ڪيو ويندو. جيڪڏهن نواز شريف وطن واپس اچي سياست ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو ته اها حوصلا افزائي واري ڳالهه آهي، نواز شريف اهو ليڊر آهي جيڪو پنهنجي ڌيءَ سميت جيل آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو