راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڪمانڊر يو ايس سينٽ ڪام جنرل مائيڪل ايريڪ ڪوريلا ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ خطي جي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي طرفن لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته جنرل مائيڪل ايريڪ ڪوريلا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين کي ساراهيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊر خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.
