آدم ڳڻپ نتيجا منظوري لاءِ اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ سمري اماڻي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ 2023ع ۾ ٿيندڙ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري جي منظوري ڏني وئي آهي.پاڪستان شماريات بيورو ( شماريات کاتي) مردم شماري مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ان جا نتيجا هاڻي سي سي آءِ کي منظوري ۽ هدايت لاءِ موڪليا ويا آهن.اعليٰ حڪومتي ذريعن دي نيوز سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته منصوبابندي واري وزارت پاران موڪليل سمري ذريعي سي سي آءِ سيڪريٽريٽ/ڪبينيٽ ڊويزن کي ٻڌايو ويو آهي ته آدمشماري جو سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.تياري ڪرڻ ۽ پوءِ سرڪاري سمري موڪلڻ جو فيصلو واضح طور تي ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت سي سي آءِ کي ان جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي.ان کان اڳ سي سي آءِ جو اجلاس 2 آگسٽ 2023ع تي گهرائڻ تي غور ڪيو ويو هو، پر اهو ٿي نه سگهيو، پر هاڻي نتيجن جي منظوري لاءِ سي سي آءِ کي سمري موڪلي وئي آهي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم کي اجلاس منعقد ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو. ايندڙ عام چونڊون، شهباز شريف جي تازي بيان کانپوءِ پيچيدگيون پيدا ٿينديون. مردم شماري جي نتيجن جي پيشڪش جي حوالي سان ٽي امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا: يا ته نتيجن کي سڀني اسٽيڪ هولڊرز پاران ڪيل سنگين غلطين جي ڪري رد ڪيو ويندو، يا نتيجن جي منظوري کان پوءِ تڪ بندين جي نتيجي ۾ دير ٿي سگهي ٿي.هڪ ٽيون امڪان اهو ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي ته جيئن سمورن مسئلن کي خوشگوار طريقي سان حل ڪيو وڃي جيڪا سڀني اسٽيڪ هولڊرز لاءِ قابل قبول هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو