آئين سان غداري، پرويز مشرف جي موت جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ اڳوڻي فوجي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف کي آئين سان غداري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مليل موت جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. آئين توڙڻ جي ڏوهه ۾ کيس جسٽس سيٺ وقار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس نظر اڪبر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس شاهد ڪريم به شامل هئا، تن هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ججن جي اڪثريت سان 17 ڊسمبر 2019 تي خصوصي عدالت موت جي سزا ڏني هئي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن جنرل مشرف مري وڃي ته به سندس لاش کي پارليامينٽ سامهون ٽنگيو وڃي ۽ آئيڻ ٽوڙيندڙن لاءِ عبرت جو نشان بڻايو وڃي. خصوصي عدالت جي ان فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ 13 جنوري 2020 تي حڪم جاري ڪندي خصوصي عدالت جي تشڪيل کي ئي غيرقانوني قرار ڏنو هو ۽ فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اها بينچ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ جوڙي وئي هئي جنهن ۾ جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس محمد مسعود جهانگير شامل هئا. جنهن بعد وڪيل تنظيمن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هئا، ان آڏو ٻڌڻي شروع ٿي ته اپيل جي پيروي ڪندڙ وڪيل سلمان صفدر چيو ته جنرل مشرف کي مليل سزا معطل ڪريو جيئن سندس وارثن کي پينشن سميت ٻيا فائدا ملي سگهن. چيف جسٽس چيو ته مشرف جا وارث ڪٿي آهن. وڪيل چيو ته هو ملڪ کان ٻاهر آهن، مون ساڻن ڪيترائي ڀير رابطي جي ڪوشش ڪئي پر جواب نه مليو. عدالت چيو ته سندس وارثن جي ڌر هجڻ کانسواءِ ڪاروائي اڳتي نٿي هلائي سگهجي، ڇو ته اها قانون جي تقاضا آهي. جنهن بعد چيف جسٽس پرويز مشرف جي پاڪستان ۾ ۽ پاڪستان کان ٻاهر جيڪي به ڄاڻ جوڳيون ايڊريس آهن انهن تي کين نوٽيس موڪليا وڃن ۽ اهي نوٽيس ڊان ۽ جنگ اخبار م به شايع ڪيا وڃن. ياد رهي ته 4 سالن کان اپيلون عدالت ۾ التوا هيٺ هيون. ياد رهي ته جنرل مشرف 3 نومبر 2007 تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي. هن 12 آڪٽوبر 1999 تي نواز شريف جي چونڊيل حڪومت ختم ڪري آئين معطل ڪيو هو. سندس خلاف نواز شريف جي حڪومت ڊسمبر 2013 ۾ آئين معطل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنگين بعاوت جو ڪيس داخل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو