’آءِ ورڪ فار سنڌ‘ نوجوانن جي روزگار لاءِ اثرائتو فورم آهي، ميمڻ

’آءِ ورڪ فار سنڌ‘ نوجوانن جي روزگار لاءِ اثرائتو فورم آهي، ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت روزگار جي فراھمي واري پائلٽ منصوبي ”آءِ ورڪ فار سنڌ” کي باضابطا طور تي سرڪار پروگرام جي حيثيت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. اھڙو فيصلو سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيل ھڪ اھم اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل معز پيرزادو، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر فلمز حزب اللھ ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آءِ ورڪ فار سنڌ کي وڌيڪ اثرائتو، مربوط ۽ جديد انداز ۾ ھلائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو، جڏھن ته ھن پليٽ فارم ذريعي سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ روزگار جا موقعا صوبي جي نوجوانن تائين وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پھچائڻ جي مختلف پاسن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ مختصر عرصي ۾ سنڌ جي نوجوانن ۽ روزگار فراھم ڪندڙ ادارن جي لاءِ ھڪ اثرائتو ڊجيٽل پليٽ فارم بڻجي چُڪو آھي، ھن ٻڌايو ته ھن وقت تائين پليٽ فارم تي 48 لک کان وڌيڪ ماڻھو وزٽ ڪري چُڪا آھي، جڏھن ته ھڪ لک 13 هزار اميدوار رجسٽريشن ڪرائي چُڪا آھن. اھڙي ريت 670 ڪمپنيون پليٽ فارم تي رجسٽرڊ آھن، ھن وقت 11 ھزار 100 نوڪريون فعال آھن، مجموعي طور تي 20 ھزار 800 نوڪريون پوسٽ ڪيون ويون آھن، جڏھن ته ھن وقت تائين 4 لک 19 ھزار کان وڌيڪ نوڪري جون درخواستون جمع ڪرايون ويون آھن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پورٽل تي خودڪار طريقي سان سي وي ٺاھڻ جي سھولت دستياب آھي، جڏھن ته نوجوانن جي مھارتن ۾ اضافي جي لاءِ لرن اينڊ ارن فيچر به متعارف ڪرايو ويو آھي. ھن چيو ته جلد ئي صنعتي ماھرن پاران لائيو ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سھولت به فراھم ڪئي ويندي، جنھن ذريعي نوجوانن کي سڌي ريت ڪيريئر رھنمائي، پيشوراڻا مشورا ۽ روزگار بابت اثرائتي رھنمائي ملي سگھندي.
ھن چيو ته سنڌ حڪومت آءِ ورڪ فار سنڌ کي پائلٽ منصوبي مان باقاعدي سرڪاري پروگرام ۾ تبديل ڪرڻ چاھي ٿي ته جيئن سڄي صوبي جي نوجوانن کي روزگار جي موقعن تائين آسان، شفاف ۽ اثرائتي رھنمائي فراھم ڪري سگھجي. ھن ھدايت ڪئي ته پروگرام جي ڪاميابي جي لاءِ سمورا لاڳاپيل کاتا گڏيل سھڪار ۽ مربوط انداز ۾ ڪم ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ نوجوان ھن سھولت مان لاڀ ماڻي سگھن.
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي اثرائتي تشھير، جديد ڊجيٽل ڪميونيڪشن حڪمت عملي ۽ ميڊيا ھائوس بابت معاملن ۽ اظھار راءِ جي آزادي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اطلاعات کاتو حڪومت ۽ عوام جي وڌ ۾ اثرائتي رابطي جو بنيادي ذريعو ھوندو آھي، اُن ڪري جديد گھرجن موجب اطلاعات جي وقت سر، شفاف ۽ اثرائتي پھچ کي يقيني بڻائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ھن ھدايت ڪئي ته اخبارن ۽ ميڊيا ھائوسز بابت سمورا جائز معاملا قانون ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب وقت سر اڪلايا وڃن، جڏھن ته صحافتي ادارن سان ھاڪاري، پيشوراڻن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.
اجلاس ۾اطلاعات کاتي تحت فلمي منصوبن، اُن جي ڊسٽري بيوشن، نمائش ۽ ٻين انتظامي معاملن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو