آءِ ايف جي  جو چيف جسٽس کي پيڪا ۽ صحافين جي مسئلن تي خط

آءِ ايف جي جو چيف جسٽس کي پيڪا ۽ صحافين جي مسئلن تي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (IFJ) پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي تڪراري پي اي سي اي ايڪٽ ۽ صحافين جي مسئلن تي خط لکيو آهي. انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس پاران لکيل خط جي ڪاپي وزيراعظم، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ صدر پي ايف يو جي کي پڻ موڪلي وئي آهي.آءِ ايف جي پي اي سي اي ايڪٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صحافي پنهنجي پيشه ورانه فرضن جي انجام ڏيڻ ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، صحافي پي اي سي اي قانون تحت ڪيسن، هراساني ۽ ڌمڪين کي منهن ڏئي رهيا آهن. انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس خط ۾ چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي ڪنوينشن تي دستخط ڪيا آهن، پي اي سي اي تحت اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن کي محدود ڪيو پيو وڃي، پريس فريڊم رپورٽ موجب 34 خلاف ورزيون رپورٽ ٿيون. خط ۾ چيو ويو آهي ته صحافين تي حملن، هراساني ۽ نفرت انگيز تقرير ۽ سوشل ميڊيا تي تشدد جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، پاڪستان ۾ صحافين کي پگهارن جي عدم ادائيگي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان ۾ صحافي غير قانوني برطرفي ۽ سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، آءِ ايف جي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سڌي اپيل جي اجازت ڏيڻ هاءِ ڪورٽن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، آءِ ايف جي پاڪستان ۾ ٻه مشن موڪليا، جن ميڊيا ورڪرز سان سڌو سنئون ملاقات ڪئي، سپريم ڪورٽ کي پي اي سي اي قانون جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ حڪومت کي قانون ۾ ترميم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ گهرجي. انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 19 تحت پريس جي آزادي جي تحفظ لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 7 صحافي مارجي ويا، چيف جسٽس کي اپيل آهي ته پي اي سي اي قانون جو فوري طور تي جائزو ورتو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو