ليکڪ اي اي عباسي
پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومن شهيد بينظير آباد جي نرسنگ هائوس آفيسر ڊاڪٽر پروين رند وڏي بهادريءَ سان ناسور ورتل مدي خارج غلاميءَ واري نظام کي جهڙي طرح وائکو ڪري پنهنجي مٿان ظلم ۽ زيادتيءَ جون زارو و قطار روئيندي ڳالهيون ٻڌايون انهيءَ تي انهي نياڻيءَ کي جس هجي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪڏهن اهڙيون اهڙي قسم جون بهادر نياڻيون پنهنجي عزت پنهنجي وقار ۽ پنهنجي غيرت کي بچائڻ لاءِ ڪي بهادر نياڻيون هراسمينٽ جهڙي غليظ سوچ وارن ڪن لوفر سماج دشمن مافيائون کي مات ڏيندي نروار ٿين ٿيون ته انهن جي انهيءَ آواز ڪوڪ ۽ للڪار کي محسوس ڪيو وڃي، نه ڪي ڪجهه ڀولڙا نام نهاد گهٽيا سوچ جا عنصر پنهنجي جنسي تسڪين ۽ بليڪ ملينگ جي گروهه جا ڀاڱي ڀائيوار ۽ سهولتڪار بڻجي، ويتر ڪرائيم ڪندڙ جي حمايت ۾ پلاننگ جا محاذ جوڙڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وڃي. مظلوم نياڻين جي داد رسي جيڪڏهن اڳ ۾ ٿئي ها ته پوءِ هيءُ واقعا ائين رونما نه ٿين ها؟، سنڌ جي سڀ ڪا نياڻي ائين بهادريءَ جي علامت بڻجي ڊاڪٽر پروين رند جهڙو ڪردار ڪري ڏيکارين ته ڪٿي به خاص ڪري تعليمي ادرن ۾ هراسمينٽ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. تعليم کاتي يا هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ڀلا جيڪي معصوم نياڻيون گهرن مان نڪري تعليم پڙهڻ يا وري صحت واري کاتي ۾ پهچن ٿيون ته اتي وحشي پڻي ۽ ذهني مريضن جي ور چو ٿيون چڙهي وڃن ۽ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ڪاليج کان ويندي سنڌ يونيورسٽي جي نائلا رند ۽ نوابشاهه جي پيپلز يونيورسٽي جي پروين رند تائين جيڪي به تيزي سان واقعا رونما ٿيندا رهيا آهن انهن ۾ اڪثر ڪاليج توڙي يونيورسٽي انتظاميه ڪوڙيون، من گهڙت ۽ بي بنياد ڳالهيون ڪري نياڻين جي والدين کي اها تاثر ڏيندا ڏيئي چڪا آهن ته توهان جي نياڻي خود ڪشي ڪئي آهي جڏهن ته هن ڀيري بهادر نياڻي پروين رند وڏي واڪي اها ڳالهه ڪئي آهي ته “ ڪاليجن يونيورسٽين ۾ نياڻيون خود ڪشيون نٿيون ڪن پر ڪجهه مافيائون جي ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ هراسمينٽ کان بچڻ لاءِ مجبورن اهو آخري قدم کڻڻ تي پهچن ٿيون جنهن جا ذميوار انهن ادارن جا وائيس چانسلر ، هاسٽل انتظاميه ۽ انهن جا پاليل ايجنٽ آهن، بدقسمتي سان اڪثر يونيورسٽين ۾ دلال قسم جون مافيائون پنهنجي براين کي جنسي حوس جي نالي ۾ وڏن شراب خورن ڪرپٽ ماڻهن جي اڳيان نيون نڍيون ڇوڪريون ۽ ٻيون ٻيون نياڻيون تحفي طور پيش ڪرڻ لاءِ وڏي رقم ۽ ٻيون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا ڊراما ڪرائي پنهنجي سنڌ جي غيرت ، سنڌ جي حياءَ ۽ سنڌ جي نياڻين جي اندر بگهڙ شاپ ماڻهن جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. نهن يجنٽن دلال قسم جي ماڻهن کي وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اهي هن موجودهه معاشري ۾ معزز، با اثر جي نالي سان هر جاءِ تي پهرين لاائن قطار ۾ ويهاريا وڃن ٿا، اسان جي معاشري جو بگاڙ ڪندڙ مافيائون جڏهن معزز ۽ با اثر بڻجي وڃن ته پوءِ اهڙي قسم جا روز واقعات جنم وٺڻ لڳندا آهن. هاڻي ته رڳو پروين رند جو ڪيس ئي نه پر لاڙڪاڻي جي نمرتا ۽ نوشين ڪاظمي جي واقعات جي به حقيقت سامهون اچي وئي آهي ته ڄامشوري جي فارنزڪ مليڪولر بائيولااجي ليبارٽري انتظاميه طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين سان جنسي زياادتي جي تصديق فارنزڪ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪبر قاضي جو چوڻ آهي ته ٻنهي شاگردياڻين سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي، جزا هڪ ئي شخص جا ميچ ٿي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي ليٽر لکيو هو ته گرلس هاسٽل ۾ ڪم ڪندڙ مردن جا سيمپل اماڻيا وڃن پر هن وقت تائين ڪو به سيمپل ناهي ملي سگهيو. اهڙي عمل بعد قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. چانڊڪا جي آپگهات ڪندڙ شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين ڪاظمي جي ڊين اين اي رپورٽ پڌري ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ئي ماڻحو لوث هجڻ جي تصديق ٿيڻ يقينن يونيورسٽي جي انتظاميه جي کليل غفلت ظاهر ڪري ٿي، ڊاڪٽر نمرتا جي پر اسرار موت کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙو ڏکائيندڙ ۽ افسوس ناڪ واقعو رونما ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي دادو ضلعي جي رهواسڻ نياڻي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي نوشين ڪاظميءَ جو پنهنجي هاسٽل ۾ ڦاهو لڳل مبينه لاش برآمد ٿيڻ ۽ انهيءَ لاش جي ٽنگجڻ کان وٺي انهيءَ جي ميز يا گوڏن وغيرهه جي بيهڻ جي انداز سميت ٻين شين کي شڪ واري نگاهه سان سوشل ميڊيا تي هڪ بحث جاري رهيو ته انهيءَ جو ڦاهي واري عمل واقعي کي گهٽ پر انهيءَ جي ٻين مختلف پهلوئن کي جانچو وڃي ته ڪيترائيءَ سوال اڀرڻ لڳن ٿا، هن نياڻيءَ آخر ڪار پاڻ کي ڦاهو ڇاڪاڻ وڌو، انهيءَ جي خودڪشيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ؟ ، جڏهن ته سندس جي والد هدايت شاهه جو چوڻ آهي ته اسان جي نياڻي خوش هئي، انهيءَ ڪا به اهڙي مايوسيءَ واري ڳالهه ناهي ڪئي، هيءَ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڪا جهنگ برپٽ بيابان ۾ ناهي پر لاڙڪاڻي شهر جي وچ ۾ آهي جنهن جي چوڌاري وڏين سرڪاري آفيسن، دفترن جون وڏيون ڊگهيون قطارون لائنون لڳل آهن، هڪ طرف سامهون ئي ڊويزن جي ڪمشنر، ڪجهه وٿيءَ تي ايس ايس پي ، ڊي آءِ جي پوليس، ڊپٽي ڪمشنر جا هائوسز ۽ آفيسون به آهن ته ٻئي طرف وري ڪورٽ سڳوريءَ جي عاليشان وسيع بلڊنگ به نظر سامهون آهي گڏوگڏ ئي هن ميڊيڪل جي شاگردياڻين جي مقدس اداري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي چوڌاري وڏيون وڏيون ڀتيون ديوارون ۽ وک وک تي مضبوط دروازا به لڳل آهن نه صرف اتي چوڪيداري جو نظام بهتر لاڳو هوندو پر اتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي انتظاميه پاران ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽس گرلس هاسٽل لاءِ لازمن ٻيا به ڪي شاگردياڻين جي سهولت لاءِ انتظام ڪيا ويا هوندا، هن ايڏي وڏي تعليمي اداري کي ڪهڙيون ڪهڙيون بنيادي انساني سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، سنڌ جي هن تعليمي اداري ۾ بار بار اهڙا واقعا رونما ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، انهيءَ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو، ڪٿي ائين ته ناهي جو هن اداري ۾ داخل ٿيندڙ شاگردياڻيون جڏهن هن اداري ۾ پهچن ٿيون ته انهن جي معيار مطابق تعليم يا ڪي ٻيون بنيادي سهولتون مناسب انداز ۾ مهيا نٿيون ڪيون وڃن ۽ اهي شاگردياڻيون غصي، ڪاوڙ، پريشانيءَ ۽ ڊپريشن جي عالم ۾ اهڙي ڪيفيت ۾ اچڻ لڳن ٿيون ؟ ، ائين به ته ناهي ته هن اداري ۾ هميشه اٽينشن ، هوشيار باش، خبردار جون ڌمڪيون هلڻ لڳن ٿيون ؟، يا هاسٽل جا ڪي مسئلا، ڪلاس رومز جا مسئلا، ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽس جي نصابي تعليمي شين جي مهيا نه ڪرڻ جا مسئلا يا ڪي ٻيا پوائنٽس نه ملڻ سميت اڻ ڳڻيا مسئلا ٿي سگهن ٿا جنهن سبب جي ڪري اسانجون سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ پري پري کان آيل نياڻيون مايوسيءَ جي ڪن پاتال ۾ ڦاسجڻ تي وري مايوسيءَ جو منهن ڏسڻ لڳن ٿيون، ضروري ناهي ته اهي ڳالهيون هجن، پر انهن مجموعي ڳالهين جي پويان ڪي ٻيا به معرڪات ٿي سگهن ٿا، وڏي ۾ وڏي ڳالهه جيڪا قابل غور ۽ افسوس ناڪ امر آهي اها هيءَ ته سالن کان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هلندو پيو اچي هن ڪاليج مان هزارين شاگرد پڙهي وڏا وڏا سٺا ۽ ماهر ڊاڪٽر پروفيسر بڻجي نه صرف لاڙڪاڻي شهر ۾ پر پوري سنڌ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به چانڊڪا جا ڊاڪٽر فرض ادا ڪندي لاڙڪاڻو سنڌ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر گذريل 10، 12 سالن کان جيڪا هن ڪاليج بعد يونيورسٽيءَ جي ماتحت بڻجڻ بعد هن اداري جي ترقي جون راهون کلڻ بجاءِ ويتر مسئلن جو ڄار بڻيو آهي، انهيءَ جي تعليم تربيت سکيا وغيرهه جي مامرن سميت ٻين ايشوز پويان يا ته هن اداري کي ڄاڻي واڻي سياسي طور تي هڪ مخصوص سفارشي من پسند ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي رسمي طور تي فارملٽي طور انگ اکر ظاهر ڪري مڙيئي خير آهي وانگر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته مبينه خودڪشين ڦاهي وارن واقعن پويان هڪ طرف شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ساک تمام گهڻي تيزيءَ سان متاثر ٿيڻ لڳي ٿي ته ٻيو وري سنڌ جي اندر اسانجي سماجي بيهڪ جيڪا نياڻين جي تعليم جي معاملي ۾ پوئتي پيل آهي ۽ اسان جي سماج ۾ نياڻين کي گهر کان يونيورسٽين تائين پهچڻ ۾ ڪيتريون مشڪلاتون تڪليفون درپيش آهن انهيءَ جو ڪو شايد اندازو نٿو ڪري سگهي، وڏي ڳالهه ته هيءُ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ نوشين ڪاظميءَ وارو واقعو ڪو عام جو نه پر هڪ دادو جي شاهه صاحب جي گهراڻي جو واقعو آهي، جيڪڏهن هن کان اڳ ساڳئي اداري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي وارثن سان انصاف ٿئي ها ته پوءِ شايد هيءُ ڀيانڪ واقعو رونما نه ٿئي ها، هن کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ نائلا رند سميت ٻين جا واقعا ڪو پنهنجي ليکي پاڻ نٿا ٿين بلڪ ضرور انهيءَ جي پويان ڪي سبب حالتون هجن ٿيون، جنهن کي وائکو ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي، باقي نه ته هتي عام طرح اهو چئي خاموش ڪرايو ويندو آهي ته انڪوائري جاري، سختيءَ سان هن ڪيس جي تفتيش ڪئي پئي وڃي، ڪيڏا به وڏا با اثر هٿ ڇو نه هجن انهن کي بخش نه ڪيو ويندو، مجرم ڏوهاري کي هر صورت ۾ سزا ملندي، هتي نانگ مان نوڙي ۽ نوڙيءَ مان نانگ ڪير ڪندا آهن ؟، هتي شراب جي بوتلن کي ماکيءَ جو شيشو ڪير بڻائيندا آهن ؟، جتي ڪورٽن جي معتبر مانوارن جج صاحبان کي به شراب ۽ ماکيءَ جي معاملي ۾ منجهائي نمائشي تفتيشون، انڪوائريون، جانچون پنهنجي حق ۾ ورتيون وڃن ٿيون ته پوءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ معصوم شاگردياڻيون نياڻيون جيڪڏهن غير محفوظ رهڻ لڳن ته پوءِ والدين ڪنهن در دانهن ڏين؟ ، اهڙن واقعن کي غير سنجيدهه رهڻ بجاءِ نيڪ نيتي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڦاهو کائڻ کان ويندي ڊاڪٽر نوشين ڪاظميءَ جي موبائيل فون، سندس جي سهيلين دوستاڻين، ڪلاس فيلوز، هاسٽل جي سي سي ٽي وي ڪئميرائين، اسٽڊي روم، لائبريري جي مطالعي واري جڳهه، سندس جي ٽيچرس پروفيسرز سان رويو، ملاقات، سندس جي ويجهڙائپ ڪهڙين شين سان رهي، وڌيڪ دلچسپي ڪهڙن معاملن سبجيڪٽ ۾ رهي وغيرهه وغيرهه جا سوال آخر سنڌ جي معصوم نياڻيءَ جي وارثن کي جيڪڏهن انصاف ڏياري سگهن ٿا ته اها نه صرف هڪ دادو جي معصوم بيگناهه شاگردياڻي نوشين ڪاظميءَ جي وارثن جي لاءِ دلجوئي آٿت ۽ هڪ اميد هوندي بلڪ پنهنجي سنڌ جي سمورين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نياڻين جي لاءِ تعليم جي مامري ۾ هڪ بهتر وک ۽ نئين جستجو هوندي.صوفين، درويشن، اولياءَ الله جي سرزمين سنڌ مٿان ڪجهه اهڙي قسم جا آدم بوءِ جا لامارا هليا آهن جنهن جو سنڌ جي صوفين واري ڌرتيءَ سان ڪڏهن به واسطو نه رهيو آهي، سنڌ ته محبت، ڀائيچاري، اخوت، پيار ۽ پريت جي هميشه پرچار ڪندي رهي آهي ته پوءِ هيءُ ڪهڙيون مافيائون ، گروهه ۽ سرگرم منفي سوچ جا عڪس آهن جن جي ڪري سنڌ جو محبت پريت ڀريو پيغام هن وقت اهڙي واقعات سان ڏسڻ ۾ اچن لڳو آهي، انهن واقعن سان نه رڳو معصوم نياڻين جي لاءِ گهر مان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهچڻ مهل بڻجي وڃي ٿو بلڪ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، اهڙا واقعا ڪنهن ناسور کان گهٽ ڪين آهن اڳ ۾ ئي سنڌ جي تعليم ڪورونا جي لاڪ ڊائون ڪري ٻه سال وڏي ڊسٽرب متاثر ٿي آهي ويتر اهڙا خطرناڪ قسم جا ڀوائتا واقعا مارو ماڻهن جو لونءَ ڪانڊاري ڇڏين ٿا، وک وک تي عوام دشمن مختلف نالن سان ڪم ڪندڙ مافيائون جي ور چڙهيل سماج جيڪڏهن اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ عملي حڪمت عملي نه ڪئي وئي ته پوءِ آدم بوءِ جو راڄ وڌيڪ خون خرابي جي سيريل برقرار رکي ڪيتريون ئي معصوم پروين رند، نوشين، نمرتا، نائلائون پنهنجي ڀيانڪ روپ ۾ پنهنجي والدين کان جدا ڪري خوف و هراس جي فضاءَ قائم ڪري هڪ نه کٽندڙ جرائيم جي پيدائش جو سبب بڻجي ويندو. انهيءَ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت ٻين ساڃاهه وند، شعوري سگهه رکندڙ معززين کي گهرجي ته انهيءَ ناسور ورتل واقعن جي روپ ۾ نياڻين جا هراسمينٽ جا واقعا ۽ انهي کان اڳ ۾ تعليمي ادارن ۾ خود ڪشين آپگهاتن وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ خصوصي ۽ عملي اپاءَ ورتا وڃن ته انهيءَ جي پويان ڪهڙا هٿ مافيائون ملوث آهن اهي ظاهر به ٿيڻ گهرجن، انهي مامري ۾ ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ٿيڻ گهرجي، هيءُ مسئلو رڳو هڪ پروين رند يا نوشين ڪاظميءَ جي والدين جو ناهي پر هيءُ سڄي سنڌ جي لکين نياڻين ۽ انهن جي والدين جو اجتماعي مسئلو آهي جن کي مافيائون کان محفوظ رکڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽيءَ جا سخت ترين انتظامات ڪيا وڃن. اهڙن واقعن سبب والدين کي سخت اذيت ۽ قرب مان گذرڻو پوي ٿو پر پوري سوسائٽي، پورو سماج انتهائي مشڪل مرحلي ۾ اچڻ لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي سماج سوسائٽي ۾ ڪيترائي والدين پنهنجي نياڻين کي جڏهن اسڪول، ڪاليج يا وري يونيورسٽي ڏانهن ڇڏي واپس پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ لڳي وڃن ٿا ۽ جڏهن اوچتو اهڙي قسم جون ڀيانڪ ۽ وحشي پڻي سان ڀرپور خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ۾ ڏسن ۽ ٻڌن ٿا ته انهن والدين مٿان هڪ پهاڙ ڪري پئي ٿي ۽ اهي انهي گهڙيءَ لاءِ شديد پريشانيءَ جي عالم ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، والدين جي دعا رهي ٿي ته شل خير سان نياڻيون گهر پهچن ۽ انهن جي خير سان واپسي تي الله جا شڪر ادا ڪيا وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته پنهنجي سماج ۾ معصوم ٻارڙا ۽ نياڻيون غير محفوظ بڻجڻ لڳا آهن.
جڏهن ته نوابشاهه جي ميڊيڪل جي شگردياڻي پروين رند پنهنجي مٿان ظلم زياتين جا پهاڙ بيان ڪيا آهن ته پوءِ انهي کي موتمار ڌمڪيون لڳيون آهن ته خاموش رهه نه ته ائين ڪيو ويندو، ٻئي طرف پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آاهي ته هيءُ ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ هڪ طرف جنسي ڏاڍايون ٿين ۽ جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري ٿو ته پوءِ انهيءَ بي گناهه نياڻين کي موتمار ڌمڪيون ملڻ لڳن ٿيون، هاڻي هنن حالتن ۾ قانون ۽ انصاف جي اها تقاضا هجڻ گهرجي ته فوري طور تي بنا ڪنهن دير جي سمورن تعليم ادارن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي ڪجهه جنسي بيمار ماڻهن پنهنجي حوس کي پورو ڪرڻ جيڪي گند سان ڀريل سوچ جي نتيجي ۾ ڪرائيم ڪري بعد ۾ نياڻين کي موت جي ننڊ سمهاريو آهي انهن اصل قاتلن، رهزنن، وحشي پڻي جي تصوير کي منظر عام تي ننگو ڪندي سرعام ڦاهي جي ڦندي تي پهچايو وڃي ۽ گڏوگڏ ئي آئندهه جي لاءِ اهڙي قانون سازي اسيملبين مان قرارداد ذريعي پاس ڪرائي وڃي ته جيڪو به بد دماغ ماڻهو جنسي وائرس ۾ مبتلا ڪنهن به نياڻيءَ جو مندو ٿيندو ته انهيءَ خلاف ڦاسي جو ڦندو تيار هوندو، جيڪو به ڪنهن به اداري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪنهن به نياڻيءَ سان جنسي ڏاڍائي زيادتي ڪندي پڪڙيو ويندو انهيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ سزا عمر قيد يا ڦاسي هوندي، اهڙي خوف ڊپ بعد يقينن امن جي فضا قئم ٿيڻ لڳندي. جهڙي طرح عرب ملڪن ۾ جنسي ڏاڍئي زيادتي تي سنگسار ڪري موت ڏيندا رهن ٿا پوءِ اتي مجال آهي جو ڪنهن نياڻيءَ جي طرف اک به کڻي سگهي. قانون امير ۽ غريب جو ٻيو ٻيو نه هجڻ گهرجي، قانون برابري سراسري جي بنياد تي هڪ هجڻ گهرجي. ڪرائيم ڪندڙ وحشي ماڻهن لاءِ قانون ۾ ڪا به رعايت نه هجڻ کپي، قانون ڪنهن به ڏوهاري ۽ با اثر جي لاءِ نرمي جو محتاج نه هجڻ گهرجي.










