مير ذوالفقار چانڊيو
سنڌ ڌرتي صوفين درويشن بزرگن جي ڌرتي رھي آھي جن ھميشھ دين اسلام جي خدمت ڪندي سڄي ملڪ اندر حقيقي دين اسلام جو پيغام ڏيندي زندگي گذاريندا رھيا انھن درويشن بزرگن مان سيد غلام حسين شاھ بخاري المعروف قمبر وارو سائين ,, ابا سائين ،، بہ ھڪ وڏي ھستي روحاني شخصيت سان گڏ ڪامل ولي بزرگ آهن سندن والد بزرگ سيد گل محمد شاھ بخاري بہ پنھنجي وقت جا ڪامل ولي بزرگ ڪرامتن وارا بزرگ درويش ٿي گذريا آھن سيد غلام حسين شاھ بخاري جي ولادت با سعادت 1932ع ڌاري ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو تعلقو ميرو خان ان وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿي ننڍپڻ کان سندن پيشاني مبارڪ مان نورانيت ۽ حُسن جي چمڪ ھوندي ھئي جنھن جي زيارت ڪرڻ ڏسڻ جي لاءِ پري پري کان فقير فقراءَ سفر ڪري ايندا ھئا سندن عمر مبارڪ ست سال مس ٿي تہ سندس مٿان پيءُ جي شفقت وارو ھٿ کڄي ويو پاڻ ھميشہ جي لاءِ پيءُ جي شفقت پيار محبت کان محروم بڻجي يتيم بڻجي ويا سندن والد بزرگ سيد گل محمد شاھ بخاري ھن دنيا تان پردو مٽائي ويا پاڻ حسيني سادات ھجڻ ڪري سندن نسب 14 پيڙهين کان پوءِ حضرت امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو پاڻ قرآن پاڪ جي ناظرہ تعليم پنھنجي والد بزرگ وٽ حاصل ڪئي دنياوي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 6 ڪلاس پاس ڪري وڌيڪ ديني تعليم جي لاءِ ميرو خان شھر جي مشھور بزرگ حضرت علامہ مولانا خوش محمد صاحب وٽ حاصل ڪئي پيءُ جي رِحلت کانپوءِ سندن تعليم تربيت ۾ سندن امڙ جو ڪردار اھم ھو اِن کان علاوه سندن وڏي سؤٽ سيد محسن علي شاھ بخاري سندن زندگي جو وڏو خيال رکندا ھئا جيڪو بعد ۾ سندن سھرو بڻجي ويو سندن وڏي سؤٽ ۽ سھري سيد محسن شاھ بخاري جي چوڻ مطابق تہ سائين جن جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين ڪڏهن بہ ڪا شڪايت دانھ نہ ملي نہ وري پاڻ ڪڏهن ٻئي ڪنهن ٻار جي ڪا شڪايت ڪيائون پاڻ ننڍپڻ کان ئي صابرين سان گڏ نماڻي طبيعت جا مالڪ ھئا جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو الله عزوجل کين ننڍپڻ کان ھر دل عزيز رحم دل بڻائي ڇڏيو هو پاڻ جڏهن ڦوھ جوانيءَ ۾ پھتا تہ سندن جيجل جو سايو مٿن کڄي ويو پاڻ 23 سالن جي عمر ۾ پير مٺا سائين جي ھٿ تي بيعت ڪري سندن مريد بڻجي ويو سندن جي مرشد ڪريم سان محبت اُلفت ۽ نيازمندي کي ڏسي سندن مرشدن کيس خليفو مقرر کين خلافت جي اعزاز سان نوازيو اُن ڏھاڙي پير مٺا سائين خوشيءَ وچان ديڳ جو نظرانو ڏئي فقيرن مريدن کي کارائي خلافت غفاريہ جو منصب ملڻ کان پوءِ زندگيءَ جي آخري ساھ تائين دين متين جي خدمت ڪندي گذاري ھزارين انسان سندن نوراني نظر سان نيڪ ۽ صالح بڻجي سڌي رستي تي هلڻ وارا بڻجي ويا آهن وقت جي حاڪمن وزيرن مشيرن کان وٺي مسڪين ماروئڙن تائين ھر ڪو سندن در جو سلامي ھوندو ھو جنھن ۾ خاص ڪري اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو سندس فرزند بلاول ڀٽو چانڊيا سردار مگسي سردارن سان گڏ مختلف برادرين جا سردار سندن جي درگاھ تي حاضري ڀريندا رھندا آھن سندن دعائون مستجاب ھونديون ھيون ھٿ کڻي دعا ڪندا هئا تہ ماڻھن جي من جا مطلب پورا ٿي ويندا هئا جنھن جي ڪري حڪمرانن کان وٺي وزير مشير برادرين جا سردار دعا ڪرائڻ جي لاءِ سندن در تي پھچندا ھئا پاڻ جڏھن بہ دين اسلام جي تبليغ جي لاءِ سفر تي نڪرندا هئا تہ جتان جتان سندن جو گذر ٿيندو ھو تہ ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي رستن چوراھن تي بيھي سندن استقبال ڪندا هئا جتي بہ سندن ديني پروگرام ٿيندو ھو پري پري کان سندن مريد فقير عقيدتمند وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي سندن نوراني چھري ۽ مٺڙي گفتار ٻڌڻ ايندا هئا سندن تڪرير واعظ پرتاثير ھوندي ھئي جڏھن محفلن ۾ بيان ڪندا ھئا تہ مشتاقن جون اکيون سندن نوراني چھري کي ڏسڻ لاءِ کُتل ھونديون ھيون سندن پُرسوز بيان توڙي محبتن جي ڪري ھزارين لکين ماڻهو سندن جا ديوانا بڻجي مريد فقير عقيدتمند طالب بڻجندا رهيا سندن مريد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندا آھن سندن مريدن جو وڏو تعداد بلوچ قومن سان پڻ آهي ڪافي قومن جا سردار پڻ سندن جي محبت ۾ مست بڻيل آهن جيڪي پڻ سندن جي درگاھ عاليه تي حاضري ڀريندا رھندا آھن پاڻ ديني محفلن ۾ وڏي واڪي سان گستاخ رسول صحابہ واھلبيت کي چيلينج ڪندي مختلف طريقن سان مناظرا مباھلا ڪرڻ جو اعلان ڪندا رھندا ھئا سندن جي ھڪ چيلينج ھي بہ ھئي تہ باھ جو مچ ٻاري گستاخ رسول صحابہ واھلبيت کي لاھيو ۽ آئون پنھنجي جُتي مبارڪ اچلائيندس گستاخ سڙي راک ٿي ويندو پر منھنجي جُتيءَ کي ڪجھ نہ ٿيندو اِن کان علاوه گستاخن کي ڪافي دفعا مختلف طريقن سان چيلينج ڪندا رھندا ھئا پر سندن زندگي ۾ ڪير بہ سامھون اچڻ جي ھمت نہ ڪري سگھيو سندن جي ضعيف عمر ھجڻ باوجود سندن چھرو مبارڪ نوراني ڪشادي پيشاني سونھاري سفيد قدآور شخصيت ھجڻ جي ڪري گھڻن ئي دلين کي موهي وجھندا ھئا پاڻ ھميشہ سفيد ڪپڙن سان گڏ سفيد دستار جو تاج سجائي رکندا هئا جنھن ۾ ڪڏھن بہ تبديلي نہ ٿي سگهي سندن ھلڻ بيمثال تہ گفتار پياري محبتن ڀري ھوندي ھئي پاڻ ھميشہ پيار محبت شفقت ڏيندڙ وارا بزرگ درويش ھئا جيڪي پنھنجي دشمنن کي معاف ڪري ڇڏيندا هئا سندن مريد ھميشھ حسيني سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن سندن حسيني جماعت ۾ ڪثير تعداد ۾ علماءِ ڪرام سان گڏ مقرر شعلہ بيان شاعر نعت خوان حُفاظ ڪرام موجود آهن جيڪي جھر جھنگ ۾ دين اسلام جي تبليغ ڪري رهيا آهن موجوده نفسانفسي واري دؤر ۾ سندن درگاھ عاليه حسين آباد قمبر شريف سنڌ واسين جي لاءِ الله عزوجل جو ھڪ عظيم انمول تحفو آهي ھزارين گنھگار چور ڌاڙيل بداعمال ماڻهو رھبر سائين قمبر واري سائين سان ملي ڪري سڌري صالح ٻانھا بڻجندا رهيا پاڻ پنهنجي ھٿن مبارڪن سان 1973ع ۾ درگاھ عاليه حسين آباد قمبر شريف جو بنياد رکيو سندن درگاھ تي مسجد سان گڏ مدرسي ۾ قرآن پاڪ حفظ ناظرہ سان گڏ عالم باعمل بڻجڻ جي تعليم ڏني ويندي آهي جتي پڻ وڏي تعداد ۾ ٻارڙا دين اسلام جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن سندن جي درگاھ تي مريدن لاءِ مسافر خانا لنگر خانا قائم ٿيل آھن جِتي آيل جو آڌر ڀاءُ ڪري کين سٺي خدمت ڪري رھائش ڏني ويندي آهي سندن درگاھ تي ھر سال 15 شعبان جي رات ۽ ڏھين محرم الحرام جي ڏينهن ۽ ربيع الاول جي آخري جمع مبارڪ جي ڏينهن عظيم الشان ديني پروگرام ٿيندا آهن جِتي پڻ سڄي ملڪ مان زائرين اچي فيض حاصل ڪندا آهن خاص ڪري ھر جمع مبارڪ جي ڏھاڙي تي سندن درگاھ تي عاشقن پتنگن جو ميلو متل هوندو آهي پاڻ موجوده وقت جا وڏا بزرگ درويش ڪامل ولي ھجڻ سان گڏ نھايت نيڪ پرھيزگار متقي انسان ھئا پاڻ راتين جي جاڳڻ الله جي عبادت خلق جي خدمت ڪرڻ کي سڀ ڪجھ سمجھندا ھئا
سندن جي ضعيف عمر ۽ بيماريءَ جي باوجود پاڻ دين اسلام جي تبليغ ڪندا رھندا ھئا ڊاڪٽرن جي روڪڻ باوجود پاڻ ھر دم مريدن عقيدتمندن سان گڏ ھجڻ کي سڀ ڪجھ سمجھندا ھئا پاڻ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زير علاج ھجڻ ڪري گذريل ڏھاڙي خالق حقيقي سان وڃي مليو اھڙي خبر باھ جيان سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي تہ سندن مريدن عقيدتمندن ۾ ڏک افسوس واري ڪيفيت ٿي وئي سندن جي نماز جنازه سندن جي فرزند عالي سيد عطاءُ الله شاھ بخاري پڙھائي جنهن کان پوءِ سندن جي آخري آرامگاھ سندن جي درگاھ عاليه حسين آباد شريف ۾ ڪئي وئي آهي سائين جن جي وڇوڙي تي ملڪ جي نامور سياستدانن آصف علي زرداري بلاول ڀٽو وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ڏني ڪافي سماجي ڪاروباري ماڻهن ڏک افسوس جو اظهار ڪيو آهي










