ڳيريلو: سنڌ جي وساريل کنڊرن جو تاريخي سڏڪو

ڳيريلو: سنڌ جي وساريل کنڊرن جو تاريخي سڏڪو

ليکڪ: اوشاق علي بليدي
سنڌ جي قديم مٽيءَ جي پيٽ ۾ ڪيئي اهڙا داستان دفن آهن، جيڪي جيڪڏهن زبان کولين ته شايد اڄ جو انسان حيرت جي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي. لاڙڪاڻي جي تاريخي پسمنظر ۾، باقراڻي تعلقي جي هنج ۾ وسيل ڳيريلو رڳو هڪ جاگرافيائي نالو ناهي، پر اها هڪ اهڙي تهذيب هئي جيڪا صدين تائين سنڌ جي رڳن ۾ رت بڻجي گردش ڪندي رهي. هي شهر، جيڪو ڪڏهن سکر، خيرپور، دادو ۽ سيوڻ جهڙن وڏن مرڪزن کي پاڻ ۾ جوڙيندڙ هڪ حياتياتي لنگهه هو، اڄ وقت جي بي رحم لهرن جو شڪار ٿي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ واجهائي رهيو آهي. ورهاڱي کان اڳ جو ڳيريلو هڪ اهڙو خواب هو، جنهن جي تعبير واپار، هنر ۽ ثقافت جي اوج سان جڙيل هئي. تڏهن هي شهر اڄوڪي بي رونق بستيءَ جهڙو نه هو، پر هڪ اهڙو مک بندرگاهه هو جتي قافلا منزلون ڪندا هئا ۽ واپار جون ٻيڙيون پنهنجي پوري تجمل سان لنگر انداز ٿينديون هيون. هتي جي هندو برادريءَ جا گهر رڳو سِرن ۽ گاري جا ڍير نه هئا، پر اهي سنڌي ڪاريگريءَ جو اهو اعليٰ شاهڪار هئا، جن جي بالڪنين ۽ دروازن جي ڪاٺ تي ٿيل گُلڪاري اڄ به ان نفيس ذوق جو ماتم ڪندي نظر اچي ٿي، جيڪو هتان جي رهاڪن جو خاصو هو. ان دور ۾ جڏهن دنيا اڃان بجليءَ جي مصنوعي چمڪ کان ناواقف هئي، ڳيريلي وٽ پنهنجو هڪ نوراني نظام هو، جتي گهٽين جي موڙن تي لڳل ڏيئن جا طاقچا ۽ انهن مان ڦٽندڙ لالاڻ رات جو شهر کي ڪنهن ڪنوار جيان سينگاريندي هئي. اها صفائي، اها سگهڙپائي ۽ گهٽين تي ٿيندڙ پاڻيءَ جو ڇڻڪار اهڙو هوندو هو جو شهر جو هر رستو ڪنهن محل جو لنگهه لڳندو هو.
ڳيريلي جي مٽيءَ ۾ هڪ عجيب ادبي هٻڪار ۽ مزاحمتي سرهاڻ شامل رهي آهي، جنهن هميشه ارڏن پٽن، باهمت مائرن، دانشورن ۽ انقلابي شاعرن کي جنم ڏنو. هي اها سرزمين آهي جتي دريا خان ابڙي جهڙي دلير جو مقبرو موجود آهي، جيڪو سنڌ جي بقا ۽ غيرت جي علامت بڻجي اڄ به تاريخ جي سيني تي اڪريل آهي. هن مٽيءَ مان اڀرندڙ شعور جو اهو عالم هو جو ڳيريلي جي هر گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري هوندي هئي. علم جو ذوق اهڙو جو مانيءَ کان وڌيڪ ڪتاب جي اهميت هئي، جتي ٻارن کي لولين ۾ به مزاحمت ۽ ادب جا سبق ڏنا ويندا هئا. اها مٽي جنهن مان ڪتابن جي خوشبو ايندي هئي، اڄ اتي هڪ عجيب الميو جنم وٺي چڪو آهي. جنهن شهر جي هر گهر ۾ ڪتابن جا ڍير هئا، اڄ اتي جي نوجوانن لاءِ هڪ سرڪاري لائبريري به ميسر ناهي. اها علمي اُڃ جيڪا صدين کان هتان جي ماڻهن جي روح ۾ هئي، اڄ وساريل واعدن ۽ سياسي بي حسيءَ جي نظر ٿي وئي آهي. اڄ جو ڳيريلو پنهنجي ئي کنڊرن ۾ قيد آهي، جنهن شهر کي پنهنجي قدامت ۽ لکين ماڻهن جي لنگهه هئڻ سبب هڪ مڪمل تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي ها، اهو اڄ هڪ يتيم ٻار جيان کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. اها اڳوڻي رونق، اهي روشن گهٽيون ۽ اهو واپاري اوج هاڻي رڳو بزرگن جي قصن ۾ وڃي بچيو آهي. شهر جي موجوده حالت ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ وقت هتي اچي بيهي رهيو هجي. تاريخي عمارتون، جيڪي ڪڏهن شهر جو فخر هيون، اهي اڄ پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ آخري پساهن ۾ آهن.
ڳيريلو رڳو هڪ جاگرافيائي هنڌ ناهي پر سنڌ جي ان سچي پٽ جهڙو آهي، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ کي سڀ ڪجهه ڏنو پر موٽ ۾ کيس رڳو وساريل يادون ۽ مٽيءَ جا ڍير مليا. ادبي نقطي نگاهه کان ڳيريلو اڄ هڪ اهڙو مرثيو بڻجي ويو آهي جنهن کي پڙهڻ وارو ڪو ناهي. ديوارن ۾ ڏيئن لاءِ بڻايل اهي خالي طاقچا اڄ به ائين کليل آهن ڄڻ ڪنهن پنهنجي وارثن کي پڪاري رهيا هجن. هتي جي مٽي اڄ به ارڏي آهي، هتي جو روح اڄ به مزاحمتي آهي، پر شهر جي اها لاوارث حالت اسان جي قومي شعور تي هڪ سواليه نشان آهي. ڳيريلي جي بحالي رڳو گهٽين جي تعمير ناهي، پر اها سنڌ جي تاريخ جي مرمت هوندي. جيڪڏهن اڄ به هن تاريخي لنگهه کي ان جو جائز حق نه ڏنو ويو، جيڪڏهن هتي جي نوجوانن کي ڪتابن سان دوباره نه جوڙيو ويو، ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ڳيريلو هڪ پڪار آهي، هڪ اهڙي پڪار جيڪا باقراڻي جي پيٽ مان اڀري سڄي سنڌ جي ايوانن تائين پهچڻ گهرجي، ته جيئن هن قديم ۽ علمي شهر جو اجڙيل مانُ ٻيهر بحال ٿي سگهي ۽ دريا خان ابڙي جي مٽيءَ کي ٻيهر اهي روشن ڏيا نصيب ٿين، جن جي روشنيءَ ۾ ڪڏهن سنڌ جا قافلا پنهنجون منزلون ڳوليندا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو