گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ مبينا ڪتي کي گولي هڻڻ دوران هڪ نوجوان گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهوٽڪي ۾ پيش آيو جتي هڪ شخص ڪتي کي گولي هڻڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، جيڪا بدقسمتي سان هڪ نوجوان کي لڳي وئي. پوليس موجب فائرنگ ۾ هڪ 18 سالن جو نوجوان زخمي ٿي پيو ۽ کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪتي کي گولي هڻڻ لاءِ فائرنگ ڪندڙ شهري جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ نوجوان جي خاندان جي رپورٽ داخل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.










