گاج بند ٻڌڻ بنا ڪاڇي جي روڊن وارو مرمتي ڪم؟

گاج بند ٻڌڻ بنا ڪاڇي جي روڊن وارو مرمتي ڪم؟

محمد اسماعيل لانگاھ

گاج بند انگريز سرڪاري پاڪستان جي آزادي کان پهرين ڪاڇي ۽ خاص طور دادو ضلعي ۾ آبپاشي کاتي لاء هڪ اهڙو ڪارنامو ڇڏيو آهي جيڪو  گاج نئين جي سيلابي وهڪرن ۾ ٽُٽڻ بعد سنڌ ۽ خاص طور دادو ضلعي جي آبپاشي کاتي لاءِ ٻيهر تعمير ڪرڻ چئلينج بڻيل آهي پاڪستان جي آزادي کان پهرين انگريز سرڪار جي  قابل تعريف رٿابندي سان آبپاشي نظام کي جهڙي ريت جوڙيو ويو انجي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ ھن وقت سنڌ سرڪار کي نه رٿابندي ملي پئي نه وري اهي ڪامورا, جديد مشينري نظام متعارف ٿيڻ باوجود اسان وٽ ترقياتي منصوبن کي هروڀرو به رُلائي رُلائي ڪرايو وڃي ٿو جنهن منصوبن تي خرچ ڪيل رقمون به ڳاٽي ۾ پئجي وڃن ٿيون ۽ ڪروڙين رپيا ضايع ٿيڻ باوجود ماڻھن جي جان ۽ مال جو تحفظ نٿو ٿي سگهي. سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ جڏھن دادو ضلعي جي جابلو ندي گاج کي لڳل گاج بند جو ذڪر ڪجي ٿو ته عوام جي دلين ۾ ھڪ خوف وارو ماحول سمائجي وڃي ٿو ڇو ته گاج نئين کي ڪاڇي واسي سنڌو درياھ سان ڀيٽين ٿا ۽ گاج بند هڪ موتمار رٿا طور تصور ڪيو وڃي، جيڪو ھن وقت تائين مختلف ورهين ۾ پنج کان وڌيڪ آيل سيلابي ٻوڏن ۾ تباه ٿيڻ کانپوء به نه ٻڌجي سگهيو آهي. هر سال دادو آبپاشي کاتو هن موتمار رٿا جا لکين رپين جا ٽينڊر ڪرائي هڪ پيسو به مرمت تي خرچ نٿا ڪن, جنهن سبب برساتن بند کي هر سال مون سون برساتن ۾ نقصان رسايو آهي مسئلو اهو آهي ته اونهاري جي برساتن دوران بند کي ٻوڏن دوران جيڪي ٽي هزار ڦُٽن تائين گهارا پيل آهن آبپاشي کاتي انهن کي بند ڪرڻ بجاء ڪاڇي جي تباه ٿيل روڊن جو عارضي بنيادن تي مرمت جو ڪم شروع ڪيو آهي ڳالھ اها چئبي ته جهڙي ريت روڊن جو بهتر هئڻ ڪاڇي جي ماڻھن لاء اهم آهي ۽ايترو ئي گاج بند جي مرمت به ضروري آهي سو سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتي لاء روڊن جون سهولتون ڏيڻ به بهتر آهي پر ڪاڇي ۾ ايندڙ هر مونسون برساتن ۾ تباهين جو اصل ڪارڻ نئين گاج کي لڳل بند جو آهي جنهن کي وڏي سنجيدگي سان مرمت ڪري مضبوط ڪجي هن وقت ڪاڇي ۾ جيڪا تباهي آيل آهي انهي ۾ هڪ ٻه شهر نه پر ٻه هزار جي لڳ ڀڳ ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر تباه ٿيلن آهن انهن ۾ روڊن جون اسڪيمون جيڪي ورهين کان رولڙي ۾ پيل هيون جنهن جا پئسا مرمت ڄاڻائي هڙپ ڪيا ويا روڊ جي سهولتن کانسواء سڄو ڪاڇو سُور آهي,  سفري سهولتن لاء روڊ ڪاڇي واسين لاء ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا انهن جي اڻھوند سان ڪاڇو ڄڻ بنيادي سهولتن کان محروم آهي, سو سرڪار کي روڊن ۽ گاج بند جي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪڏھن به نه ڪرڻ کپي اهو ڪاڇي جي هزارين انساني جانين جو مسئلو آهي, ٻي صورت ۾ جيڪڏھن ايندڙ سال به مونسون جون اهڙيون خطرناڪ برساتون پيون ته روڊن تي خرچ ٿيل پيسا فضول خرچ ٿي ويندا سو سنڌ سرڪار کي گذارش ٿي ڪجي ته ڪاڇي جي روڊن جي مرمتي ڪم کان اڳ گاج بند جو ڪم ڪرايو وڃي جيئن درپيش تڪليفن مان پنهنجي به جند ڇڏائي سگهن ۽ ماڻھن جون قيمتي زندگيون به بچي پون 

پهنجو تبصرو موڪليو