بنا فيس ۽ قانوني ڪاروائي جي زخمين کي اسپتالون طبي امداد لاءِ پابند،قانون منظور

بنا فيس ۽ قانوني ڪاروائي جي زخمين کي اسپتالون طبي امداد لاءِ پابند،قانون منظور

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 1380 روپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان حساب سان اڍائي مڻن جي ٻوري جو اگهه 3 هزار 450 رُپيا وندو. سنڌ ڪابينا پاسڪو کان هڪ لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه سنڌ جي مشير مرتضيٰ وهاب ڪابينا جي فيصلن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. هن بڌايو ته ڪابينا سنڌ جي سڀني سرڪاري توڙي نجي اسپتالن کي پابند ڪيو آهي ته آيل زخمي کي ميڊيڪو ليگل ڪاروائي پوري ٿيڻ کان اڳ طبي امداد ڏني وڄي، محض خانه پوري خاطر ڪنهن جي حياتي سان نٿو کيڏي سگهجي. ان ڏس ۾ قانون ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي. هن قانون هيٺ ڪا به اسپتال زخمي کان رقم به طلب نه ڪندي ۽ سنڌ حڪومت ان بابت فنڊ قائم ڪري رهي آهي. منظور ٿيل قانون موجب پوليس تيسين ڪا به ڪاروائي نه ڪندي جيسين زخمي جي حالت خطري کان ٻاهر هجي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن دوران سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگهه طئي 1380 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو. ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪڻڪ جي اڍائي مڻ واري ٻوڙيءَ جو مارڪيٽ ۾ اگهه 4 هزار 230 کان 4 هزار 300 رُپين تائين آهي. صوبي اندر مارڪيٽس ۾ اٽي جو اگهه 45 رُپيا في ڪلو ۽ اٽي جي چڪين تي 55 رپيا في ڪلو مقرر آهي، جڏهن ته گذريل سال اٽي جو اگهه فلور ملز ۾ 38 رُپيا ۽ اٽي جي چڪيءَ تي 48 رُپيا في ڪلو مقرر ٿيل هو پر اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ هئڻ سبب اٽو 55 کان 60 روپيا روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته اسان اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ گهرون ٿا ۽ ڪوشش آهي ته غريبن کي سستي اگهه ۾ ماني مهيا ٿئي. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ خوراڪ کاتي جي وزير، ناڻي ۽ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽريز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا خوراڪ کاتي جي مالي مسئلن جو جائزو وٺندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته  سنڌ ڪابينا کدڙن فقيرن کي سمورن سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن ٻڌايو ته اڳ ۾ حڪومت صرف پوليس ۾ کين ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هاڻي ڪابينا ان جو دائرو سمورن کاتن تائين وڌايو آهي ۽ سمورن کاتن ۾ 0.5 سيڪڙو ڪوٽا رکڻ جي منظوري ڏني وئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا ۾ هن مسئلي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته کدڙن فقيرن جي ڪميونٽي کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو آهي، کين معاشري جو ڪارائتو فرد بڻائڻ گهرون ٿا. وڏي وزير کدڙن فقيرن کي سرڪاري نوڪرين جون درخواستون ڏيڻ لاءِ ڪاغذ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته کدڙن فقيرن جي ڪميونٽي پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو