اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ڇنڇر ڏينهن چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ ٻن الڳ الڳ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز 11 دهشتگردن مارجي ويا آهن.
هڪ بيان ۾ فوج جي ميڊيا ونگ ٻڌايو ته اهي آپريشن 8 جنوري تي ڪيا ويا، ۽ ماريل دهشتگرد ڀارت جي پراڪسي تنظيم فتنه الخوارج سان واسطو رکندا هئا. فتنه الخوارج اهو اصطلاح آهي، جيڪو رياست طرفان پابندي هيٺ تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل دهشتگردن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ آءِ بي او ڪيو. آپريشن دوران فوجين دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
“ٻيو گڏيل آءِ بي او پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران ڪرم ضلعي ۾ ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٿيندڙ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 خوارج کي اثرائتي نموني غيرفعال ڪيو ويو.”
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو، ۽ اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. بيان موجب علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ صفائي (سينيٽائيزيشن) آپريشنز جاري آهي.
جيڪا دهشتگردي خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي هيٺ دهشتگردي جو ناسور ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب آپريشنز تي هٿياربند فوجن جي “پيشيورانه صلاحيتن” کي ساراهيو.
وزيراعظم هائوس موجب، هن چيو: “اسان دهشتگردي خلاف جنگ ان وقت تائين جاري رکنداسين، جيستائين ان جو مڪمل خاتمو نه ٿي وڃي.” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ۽ پوليس ملڪ جي دشمنن خلاف مقابلي ۾ لڳل آهن. هن وڌيڪ چيو ته“مان سميت سڄي قوم، وطن جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي اٽل عزم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.”
صدر آصف علي زرداري پڻ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن کي ساراهيو. سرڪاري ريڊيو پاڪستان موجب، صدر چيو ته “ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.”
اسلام آباد ۾ قائم پاڪ انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز جي جاري ڪيل رپورٽ موجب، دهشتگردن جي وڏي انگ ۾ مارجي وڃڻ باوجود، 2025 ۾ پاڪستان ۾ دهشتگرد تشدد ۾ تيزي سان اضافو ڏٺو ويو، جتي دهشتگرد حملا 34 سيڪڙو وڌيا ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل فوتگيون سال بسال بنياد تي 21 سيڪڙو وڌيون.
هن هفتي جي شروعات ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته 2025 ۾ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، جن ۾ فوج، پوليس، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ انٽيليجنس ادارا شامل آهن، ڪُل 75,175 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا.










