ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هلندڙ K-IV منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي واپڊا جي انٽيڪ اسٽرڪچر ۽ ڪنڊوٽ انٽيل چيمبر سيڪشنز کي سيپٽمبر 2025ع تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽائم لائن مقرر ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ٻه پمپنگ اسٽيشنن سميت سول، اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل ڪم جو مڪمل ٿيڻ شامل آھي. هن چيو ته هو وفاقي حڪومت سان ڪي 4 جي واڌ واري حصي تي ڳالھائيندو جيڪو مارچ 2022 کان التوا هيٺ آهي ۽ واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته واڌو حصي جي ڪمن تي مشاورت شروع ڪئي وڃي جنهن لاءِ هو فنڊن جو بندوبست ڪندو. اجلاس وزيراعلي هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ميئر ڪراچي مرتضي وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو، سي اي او واٽر بورڊ صلاح الدين۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، ڪي ڊبليو ايس بي جو سي اي او صلاح الدين ۽ پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪي فور مين اسٽريم جو ڪم: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته واپڊا ڪي فور مين اسٽريم جي ڪمن تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ 126 ارب رپين جا 100 سيڪڙو فنڊ وفاقي حڪومت ڏيندو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 8 ڪانٽريڪٽ پيڪيجز ڏنا ويا آهن ۽ اهي تعميراتي مرحلي ۾ آهن. مارچ 2024ع ۾ ورلڊ بئنڪ مشن کي ٻڌايو ويو ته 52.62 ارب رپين جي مختص ڪيل رقم مان 40.36 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. جنهن جو امڪاني دير هجڻ جو وڏو ڪارڻ وقت تي فنڊن جي عدم دستيابي آهي. وڏي وزير چيو ته هو پي ايس ڊي پي ۾ مختص 30 کان 40 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ وفاق سان ڳالهائيندو. K4 منصوبي جو اضافي حصو: ڪي فور پروجيڪٽ جو اضافي حصو 74 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ AIIB چاليهه چاليه سيڪڙو ۽ سنڌ حڪومت 20 سيڪڙو فنڊ ڏئي رهي آهي. ان تي عمل سنڌ حڪومت جي ڪراچي واٽر بورڊ ۽ KWSSIP ذريعي ڪري رهيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ECNEC آگسٽ 2023ع ۾ K-IV واڌو ڪمن سميت SOP-II جي PC-I جي مشروط منظوري ڏني هئي ۽ ان جي تعميل آڪٽوبر 2024 ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. جنوري 2024 ۾، پلاننگ ڪميشن اي ايف اي ۽ 40 ارب رپين جي واڌو لاڳت سان ٻيهر واپس آئي. هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي نظرثاني ٿيل تعميل رپورٽ 13 فيبروري 2024 تي پيش ڪئي وئي، جيڪا منظوري لاءِ پلاننگ ڪميشن ۾ غور هيٺ آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته K-IV واڌو ۽ مين اسٽريم منصوبن جي ESS اسٽڊي شروع ڪئي وئي آهي. ESIA (ماحولياتي ۽ سماجي اثر جو جائزو) ٻنهي منصوبن لاءِ NOCS پڻ SEPA کان حاصل ڪيون ويون آھن، جيئن ئي اجازت ملندي، ٽينڊرنگ جو عمل شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪابينا اڳ ئي 984 ملين رپين جي ڪائونٽر پارٽ فنڊ جي منظوري ڏئي چڪي آهي. KB فيڊر لائننگ: ڪي بي فيڊر لائيننگ 40 ارب رپين جو منصوبو آهي جنهن لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومتون اڌواڌ فنڊ فراهم ڪنديون. ان تي عملدرآمد آبپاشي کاتي طرفان ڪيو ويندو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي پاران ڪيل واٽر سروي موجب ڪي بي فيڊر جو مٿيون حصو لائننگ ڪرڻ جي صورت ۾ ئي ڪي فور لاءِ پاڻي ڪنجھر ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته عالمي بئنڪ چاهي ٿي ته آبپاشي کاتي جي خريداري وارو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. سيڪريٽري آبپاشي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته ڪي بي فيڊر اپر لائيننگ پروجيڪٽ جا ٽينڊرز جاري آهن ۽ هن مهيني جي ٻئي هفتي (اپريل 2024ع) ۾ ٽينڊر اچڻ جو امڪان آهي. پائپ لائن کوٽائي-1: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ کوٽائي جي ڊيگهه (PL-I) 65.19 ڪلوميٽر آهي، جنهن مان 63.3 ڪلوميٽر مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ 1.49 ڪلوميٽر تي ڪم جاري آهي جڏهن ته 0.4 ڪلوميٽر تڪراري علائقو آهي. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته زميني تڪرار جو مسئلو حل ڪيو وڃي. جيتريقدر PL-2 جو تعلق آهي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ان جي ڊيگهه 47.69 ڪلوميٽر آهي، جنهن مان 26.79 ڪلوميٽر مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 13.7 ڪلوميٽر ڪم جاري آهي ۽ 7.2 ڪلوميٽر ڪيسن جي ٻڌڻي هيٺ آهن. وڏي وزير پنهنجي قانوني ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ڪيس اڪلائڻ لاءِ ڪم تيز ڪري. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ 52612 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 45612 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جيڪي استعمال ٿي چڪا آهن. هاڻي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ 30 کان 40 ارب رپيا گهربل آهن. وڏي وزير چيو ته هو وزيراعظم کي گذارش ڪندو ته فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن تاخير بڻيل K-IV منصوبي کي مڪمل ڪري سگهجي. ٽائيم لائن مقرر ڪرڻ: وڏي وزير ٽائم لائن مقرر ڪندي هدايت ڪئي ته مارچ 2025ع تائين پي ڊي K-IV واپڊا کي واڌو حصي جي انٽيڪ اسٽرڪچر، اهم ۽ گائيڊ بندن، پنجن سيل ڪنڊيٽس ۽ انليٽ چيمبرن کي مڪمل ڪيو وڃي. انجنيئرنگ جي خريداري ۽ ٻن پمپنگ اسٽيشنن جي تعمير ۽ 130 ايم جي ڊي سول، اليڪٽريڪل ۽ ميڪيڪل ڪم سيپٽمبر 2025 تائين مڪمل ٿيڻو آهي. ڪلري بيگار فيڊر جي لائيننگ: سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهڙو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي بي فيڊر اپر سسٽم ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي لائيننگ K-IV پروجيڪٽ فيز ون جي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي ڪلري بيگار فيڊر اپر (آر ڊي 0 کان 189) جي سي سي لائيننگ ذريعي 510 ڪيوسڪ پاڻي جي خارج ٿيڻ کان بچاءُ ڪرڻ آهي. منصوبي جي لاڳت 39942.6 ملين رپيا آهي جنهن لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت 6 ارب رپيا (هر هڪ 3 ارب رپيا) مختص ڪيا آهن ۽ اهو منصوبو 2027ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ان منصوبي سان ڪراچي جي عوام کي فائدو پهچندو ڇاڪاڻ ته ڊيزائين ڪيل اخراج 7600 ڪيوسڪ کان وڌائي 10300 ڪيوسڪ ٿي ويندو. 510 ڪيوسڪ پاڻي بچائڻ جو منصوبو: ڪينجهر ڍنڍ جي ليول 53.50 RL مان وڌائي 56.00 RL ڪئي ويندي ۽ ڪينجھر ڍنڍ جي لائيو اسٽوريج 0.38 مان وڌائي 0.42 MAF ڪئي ويندي. جنهن کانپوءِ آبپاشي کاتو ڪراچي شهر لاءِ K-IV پروجيڪٽ فيز I لاءِ 260 ايم جي ڊي فراهم ڪري سگهندو. اڳڀرائي : وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪنسلٽنٽ سروسز جي ڀرتي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. حڪومت انٽرنيشنل ٽينڊرنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٽينڊرز لاءِ دعوت ڏيڻ لاء هڪ مهربند نوٽيس گهرايا ويندا. اپريل جي ٽئين هفتي ۾ ٽينڊر کوليا ويندا. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ جلد کان جلد لائيننگ جو ڪم شروع ڪيو وڃي.










