ڪورونا پنجاب ۾ ٻن هفتن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

ڪورونا پنجاب ۾ ٻن هفتن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  حڪومت ڪورونا وبا جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي مختلف شهرن ۾ ٻن هفتن جي لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو.اجلاس جي دوران ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ماسڪ پائڻ تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سموريون واپاري سرگرميون رات جو 10 وڳي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. 15 مارچ کان شادي هالز انڊوز ڊائننگ ۽ سئنيما گهرن ۽ زيارتن کي کولڻ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ ڪيل فيصلي کي واپس ورتو ويو آهي. اين سي او سي جي اجلاس ۾ ان ڊور شادي تقريبن ۽  کاڌي جي اجازت واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ته آئوٽ ڊور کاڌن ۽ ٽيڪ اوي جي سهوليت برقرار رهندي. ٻاهريان اجتماع ڪورونا ايس او پيز سان گڏ وڌ کان وڌ 300 ماڻهن تائين محدود رهندا. ان کان علاوه 15 مارچ کان سيئنما گهر ۽ مزارون  کولڻ جو فيصلو به واپس ورتو ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس کان پوءِ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس جي دوران وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي پکيڙ وڌي رهي آهي. ڪيس وڌي رهيا آهن اسپتالن تي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي. گذريل هفتي جي دوان ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. شهري گهر کان ٻاهر  نڪرڻ وقت فيس ماسڪ هر صورت ۾ پائين. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن جي گهر ۾  ڪم ڪرڻ جي پاليسي جاري رهندي. تفريحي هنڌن کي شام جو 6 وڳي بند ڪيو ويندو.موجوده صورتحال ڏسندي سئنيما گهرن ۽ شالدي هالز کي نٿو کولي سگهجي. سئنيما هالز کي 15 مارچ کان پوءِ کولڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي. هوٽلن جي اندر ماني کائڻ تي پابندي لاڳو هوندي. جڏهن ته شادي هالز جي حوالي سان به پاليسي برقرار رهندي. ان کان علاوه سمورين واپاري سرگرمين  کي رات جو 10 وڳي کان پوءِ بند ڪيو ويندو. ان موقعي تي شفقت محمود چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾  حالتون بهتر آهن. پر پنجاب، خيبرپختونخواهه ، آزاد ڪشمير ۾ مسئلا نظر آيا آهن.سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 50 سيڪڙو ٻار اسڪول ايندا. اسلام آباد، فيصل آباد، گوجرانوالا، لاهور، گجرات، ملتان، راولپنڊي، سيالڪوٽ ۽ پشاور ۾ تعليمي ادارا 15 مارچ سومر کان 2 هفتن جي لاءِ بند ڪيا ويا آهن. سمورا تعليمي ادارا 28 مارچ تي ٻيهر کوليا ويندا جن ادارن ۾ امتحان ٿي رهيا آهن اهي جاري رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو