اسلام آباد)بيورو رپورٽ هلندڙ مالي سال جي اقتصادي سروي کي آخري شڪل ڏني وئي آهي ۽ اهو سڀاڻي پيش ڪيو ويندو.ذريعن موجب، هلندڙ مالي سال ۾ معيشت جي عبوري واڌ جي شرح 2.68 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هدف 3.6 سيڪڙو هو. هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي معيشت جي سائيز ۾ 39.3 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، معيشت جي سائيز 410.96 ارب ڊالر هئي. گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي معيشت جي سائيز 371.66 ارب ڊالر هئي, ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ في ڪس سالياني آمدني ۾ 144 ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته سالياني آمدني 1,680 ڊالر رهي آهي. ملڪ جي معيشت جي سائيز ۾ 9,600 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي معيشت جي سائيز 114.7 ٽريلين رپيا هئي. گذريل سال پاڪستان جي معيشت جي سائيز 105.1 ٽريلين رپيا هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي شعبي جي واڌ 0.56 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف 2 سيڪڙو هو، وڏن فصلن جي واڌ منفي 13.49 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف منفي 4.5 سيڪڙو، ٻين فصلن جي واڌ 4.78 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هدف 4.3 سيڪڙو هو. ڪپهه جي جننگ جي واڌ منفي 19 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف منفي 2.3 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو، لائيو اسٽاڪ شعبي جي واڌ جي شرح 4.72 سيڪڙو رهي جڏهن ته هدف 3.8 سيڪڙو هو.ساڳئي طرح ٻيلن جي واڌ جي شرح 3.03 سيڪڙو هئي جڏهن ته واڌ جو هدف 3.2 سيڪڙو هو، ماهيگيري جي شعبي جي واڌ جي شرح 1.42 سيڪڙو هئي جڏهن ته واڌ جو هدف 3.1 سيڪڙو هو، ۽ صنعتي شعبي جي واڌ جي شرح 4.77 سيڪڙو هئي جڏهن ته واڌ جو هدف 4.4 سيڪڙو هو.ذريعن موجب اقتصادي سروي ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته پيداواري شعبي جي واڌ 1.34 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف 4.4 سيڪڙو هو، وڏين صنعتن جي واڌ منفي 1.53 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف 3.5 سيڪڙو هو، ننڍين صنعتن جي واڌ 8.81 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته واڌ جو هدف 8.2 سيڪڙو هو، ذبح خانن جي واڌ 6.34 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف 3.8 سيڪڙو هو. بجلي، گئس ۽ پاڻي جي فراهمي جي شعبن جي واڌ 28.88 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته واڌ جو هدف 2.5 سيڪڙو هو، تعميراتي شعبي جي واڌ جي شرح 6.61 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف 5.5 سيڪڙو هو، خدمتن جي شعبي جي واڌ 2.91 سيڪڙو رهي جڏهن ته واڌ جو هدف 4.1 سيڪڙو هو. ٿوڪ ۽ پرچون واپار ۾ 0.14 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته واڌ جو هدف 4.1 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ ۾ 4.06 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته واڌ جو هدف 4.1 سيڪڙو هو. معلومات ۽ مواصلات ۾ 6.48 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته واڌ جو هدف 5.7 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. مالي ۽ انشورنس سرگرمين ۾ 5.7 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا هدف کان 3.22 سيڪڙو گهٽ هئي, ريئل اسٽيٽ سرگرمين ۾ 3.75 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته واڌ جو هدف 3.7 سيڪڙو هو. تعليم جي شعبي ۾ 3.5 سيڪڙو جي هدف جي مقابلي ۾ 4.43 سيڪڙو واڌ ٿي. انساني صحت ۽ سماجي ڪم جي سرگرمين ۾ 3.2 سيڪڙو جي هدف جي مقابلي ۾ 3.71 سيڪڙو واڌ ٿي. ٽرانسپورٽ، اسٽوريج ۽ مواصلات ۾ 3.3 سيڪڙو جي هدف جي مقابلي ۾ 2.2 سيڪڙو واڌ ٿي. عوامي انتظاميه ۽ سماجي تحفظ ۾ 3.4 سيڪڙو جي هدف جي مقابلي ۾ 9.92 سيڪڙو واڌ ٿي.










