ڪراچي ۾ ڦورن  جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو

ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ هٿياربندن پوليس ۽ رينجرز کي ڏسندي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا، فرار ٿيڻ دوران جوابدار هٿياربندن سيڪيورٽي گارڊ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو.ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق موجب لياقت آباد ۾ بلوچ هوٽل ويجهو فائرنگ ۾ هڪ سڪيورٽي گارڊ مارجي ويو.2 موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ڌاڙيل واقعي کانپوءِ فرار ٿي رهيا هئا ته روڊ جي هڪ پاسي پوليس پڪي ۽ ٻئي پاسي رينجرز جي پڪٽ هئي.پوليس کي ڏسندي 2 جوابدار روڊ تي فرار ٿي ويا، جڏهن ته رينجرز اهلڪارن ٻن ڦورن کي روڪڻ جو چيو، جنهن تي جوابدار موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو