ڪراچي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پٽن ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پٽن ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ملڪيت جي تڪرار تي پٽن ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب اورنگي ٽائون جي علائقي ڏکاري چوڪ وٽ گهر مان عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي شڪ آهي ته مقتول کي سندس 2 پٽن قتل ڪيو آهي.پوليس موجب جوابدار مختار ۽ خليل موقعي تان فرار ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.جوابدارن جو ماءُ سان ملڪيت جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو