ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر 4 ٽريفڪ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.سهراب ڳوٺ لياري اڪسپريس وي تي موٽرسائيڪل فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي سلپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. بلديہ رئيس ڳوٺ ۾ نامعلوم تيز رفتار گاڏي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن جي ڪري هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس گهر واري سخت زخمي ٿي پئي.ملير ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ ڇوڪرو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ تي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل شخص اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.هلندڙ سال دوران مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ حادثن جي ڪري 415 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته هيوي ٽريفڪ (وڏين گاڏين) جي حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 132 ٿي ويو آهي










