ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر شهرن ۾ تيز برسات تباهه مچائي ڇڏي. تيرنهن ميل اسٽاپ تي وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ بادل خان چانڊيو جو نوجوانماجد چانڊيو فوت ٿي ويو، مانجهند ۾ هوٽل ۽ ڪچن گهرن جو ڇتيون ڪري پيون 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيز وسڪاري سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪراچي ۾ طوفاني برساتن بعد اڪثر علائقن توڙي روڊ رستن تي وري گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. حيدرآباد، ٺٽو، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، بدين، ميرپورخاص، ڄامشورو، عمرڪوٽ، خيرپور، سانگهڙ، ٿرپارڪر، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، سکر۽ مٽياري ضلعن جَي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو وقفي وقفي سان جاري آهي. موسميات کاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن بعد شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته تيز برسات جو سلسلو ڇنڇر تائين جاري رهي سگهي ٿو.وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي ويو آهي پر بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب رهڻ سبب شهري پريشان آهن. ***ٽنڊوباگو مان ڄام سهيل سمون موجب گولاڙچي لڳ تيرنهن ميل اسٽاپ تي آسماني بجلي ڪرڻ سبب ڳوٺ بادل خان چانڊيو جو رهوسي نوجوان ماجد چانڊيو ولد صادق چانڊيو فوت ٿي ويو. ****مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي گهر ڊھي پيا هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ خاصائي انڊس هاء وي لڳ هوٽل جي ڇت تيز برسات سبب ڌماڪي سان ڊھي پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 گراهڪ ڌٻجي زخمي ٿي پيا زخمين ۾ سومر کوسو ميان بخش کوسو پيرل شورو شاه محمد فتح محمد کوسو اشفاق کوسو ۽ ٻيا شامل آھن جن کي مقامي ماڻھن ٻاهر ڪڍي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو جتي 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي هوڏانهن مانجهند ۾ احمد خان ملاح جو گهر ڊھي پٽ ٿي ويو جنهن سبب پورهيت ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آھي ٻي طرفان طوفاني برسات سبب ڪيترئي ڪکائان گهر ڊھي پٽ ٿي ويا.










